09/10/2023
اجلاس ۽ فيصلا..
محمد امين ويلفيئر فائونڊيشن جو ٽي ماهي اجلاس گلش حدید ۾ سامي ميمڻ جي صدارت ۾ٿيو جنھن ۾ ميمبرن جي گهڻائي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري رفيق احمد ميمڻ گذريل ٽن مهينن ۾ ڪيل سرگرمين جي رپورٽ پيش ڪئي جنهن تي ميمبرن اعتماد جو اظهار ڪيو جڏهن خزانچي مولوي ممتاز عطاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ته هنن ٽن مهينن ۾ ٻين ضرورتمندن ۽ ماف ميمبرن تي سماجي خدمت طور هڪ لک روپين کان وڌيڪ خرچ ڪيو ويو ان موقعي فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ ٽن مهينن ۾ ماف جي ٻارهين سالگره تقريب ملهائي ويندي ۽ ويجهن بيمار عزيزن مٽن مائيٽن سان ملڻ سندن مزاج پرسي ڪرڻ سان گڏ گهربل مالي مدد لائي نومبر مهيني ۾ ٺٽي، مڪلي، ٻيلي، دڙي ۽ ٻين علائقن ۽ شهرن جو تفصيلي دورو ڪيو ويندو