Allama Ghulam Mujtaba Qadri

Allama Ghulam Mujtaba Qadri یہ پیج اہلسنت وجماعت کے عقائد و مسائل کی ترویج اشاعت کی ایک حقیر سعی ہے

ڇا واقعي  #اسلام انسانيت لاءِ ڪجھ ناھي ڪيو ؟  ٰ_چنا اسان جا لوڪل لبرل ، سُوڌا سيڪيولر جيڪي بظاھر  ڪنھن به مذھب کي ذاتي م...
28/10/2024

ڇا واقعي #اسلام انسانيت لاءِ ڪجھ ناھي ڪيو ؟
ٰ_چنا
اسان جا لوڪل لبرل ، سُوڌا سيڪيولر جيڪي بظاھر ڪنھن به مذھب کي ذاتي معاملي تائين محدود ڪن ٿا ۽ درباري دھريا جيڪي بظاھر تمام ئي مذھبن جو انڪار ڪن ٿا پر اھي سڀ پنھنجي وِت آھر ٻِيٽ ڏئي اسلام خلاف زور ڏين ٿا جنھن ۾ ڀلي کين حقيقت ڏسڻ ۽ مڃڻ وقت صم بڪم عمي جي مھر لڳائڻي پئجي وڃين ته اھا به لڳائيندا ، گذريل ڏينھَن ۾ اھڙو ئي ھڪ اسان جي پاڪستان جو سابقا شھري جيڪو ھاڻي امريڪي بوٽ پالش لاءِ مستقل اتان جو رھائشي آھي اسلام ۽ مسلمان دشمني ۾ ھي ڪارٽون پوسٽ ڪري چئي پيو ته مسلمانن جي ۱۴۰۰ سالن جي تاريخ فقط قتل و غارت تي مشتمل آھي اسلام جي بنياد انساني کوپڙين جي ڍير تي آھي جڏھن ته يھودي وھواہ ڇا ته انھن جون انسانيت لاءِ خدمتون آھن ھيترا نوبل انعام ڏنا ويا اٿن .
ان سوچ رکندڙ ۽ حامين کي ٻُڏي مرڻ لاءِ سنڌو ندي جو پاڻي به نصيب نه ٿين جو اھو پاڻي به ضايع ٿيڻ آھي ، پاڻ کي ايترو وڏو دانشوڙ سمجھڻ واري شخص جي اڳيان اسلامي ترقي جو روشن دور جنھن تي ئي اڄوڪي ترقي جو دارومدار آھي نظر ئي نه آيو ، حيرت آھي نائين ، ڏھين ، يارھين صديءَ ۾ بغداد جيڪو عروس البلاد شھر بغداد پوري دنيا ۾ طب ، ڪيميا ، طبيعيات ، فلڪيات ، ارضيات ، فلسفي ۽ ٻين جديد علوم و فنون جو مرڪز ھيو يورپ اعليٰ تعليم لاءِ بين الاقوامي اداري دارالحڪمت يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندو ھيو اھو سڀ نظر ئي نه آيو ؟
انھن ويساري جي بيماري جي مريضن کي ياد ڏياريندو وڃان ته دنيا جنھن شخص کي علم ڪيميا جو باني مڃيندي آھي ان کي جابر بن حيان چوندا آھن ، جيڪڏھن ڪيميا جي علم اڄ ترقي ڪئي آھي ته ان جي سڀ کان وڌيڪ ۽ غير معمولي خدمت جابر بن حيان جي آھي جيڪو يھودي نه مسلمان ھيو .
توھان جو ڪمپيوٽر جيڪو اڄوڪي تمام تحقيق جو بڻ ۽ بنياد آھي اھو علم رياضي جي شاخ لوگارٿم تي ئي مشتمل آھي ۽ لوگارٿم جو اَبو ، خوارزمي آھي جنھن ئي علم رياضي جي شاخن جيوميٽري ۽ لوگارٿم جو بنياد وڌو جنھن ڪري ئي اڄ اسان اسپيس ۽ خلاء تائين پھچڻ جون ڳالھيون ڪيون ٿا خوارزمي کي انساني تاريخ جو وڏي ۾ وڏو سائنسدان سمجھيو وڃي ٿو.
طب جي حوالي سان ابن سينا جو درجو طب جي ابن ڏاڏن جي برابر آهي. آپريشن ۽ آريشن جا آلات ، انساني جسم جي اعضاء جي سکيا ابن سينا ئي تفصيل سان ڏني ان کان سواءِ طبعي علوم، رياضيات، مابعد الطبعيات ۽ منطق ۾ سندس مهارت ڪنهن کان به گهٽ نه آهي
مسلمان سائنسدانن جي لسٽ تمام گھڻي ڊگھي آھي جنھن جو ڪجھ حصو اسان جي اسڪولي نصاب ۾ به موجود آھي ان ڪري مان وڌيڪ تفصيل ۾ نه ٿو وڃان پر ھڪ سوال اھو به ڪيو ويندو آھي ته اڄوڪا مسلمان حد درجي جي تنزلي ۾ ڇو ؟ انھن لاءِ ٻہ مثال اڄوڪي مسلمانن جا جيڪي اڄوڪي دور ۾ به سائنسي ميدان ۾ انقلاب آڻي چڪا آھن مثال طور
احمد حسن زويل هن کي ڪيميا جي هڪ شاخ فيمٽو ڪيميا جو باني چيو ويندو آهي کيس 1999 ۾ ڪيميا جو نوبل انعام ڏنو ويو ائين ئي
عزيز سنجر ھڪ ترڪي بايو ڪيمسٽ آھي جيڪو ڊي اين اي جي جوڙ جڪ ۽ جيو گھرڙي جي معلومات جو ماھر آھي کيس ۲۰۱۵ ۾ ڪيمسٽري جو نوبل انعام ڏنو ويو .
ان کانسواءِ امن ، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ نوبل انعام يافتہ مسلمان پڻ آھن پر جڏھن ڳالھ تحقيق کان نڪري ذاتي تنقيد تائين پھچي ته پوءِ مقابل جا گڻ به اوگڻ لڳندا آھن تنھنڪري انھن عقل کان عاري اقليت پسند لوڪل لبرل ، سُوڌا سيڪيولر ۽ درباري دھريا مسلمانن جي انساني ارتقا ۽ تعمير جون خدمتون اڳيان اچڻ وقت ڪبوتر جيان اکيون بند ڪندا آھن .
نوٽ: اھا صرف مسلمانن جي تاريخ جو مختصر حصو ٻڌايو آ يھودين جون مڪاريون بيان ڪرڻ لاءِ ڪتاب به گھٽ آھي جنھن قوم کي ھي باشعور چئي رھيا آھن

02/07/2024

#صلوات تي ٺٺول ۽ ان جو دفاع
چيائين: ڊاڪٽر نشو ڏئي آپريشن ڪندا آھن عيسي سمون جي بغير نشي جي آپريشن ڪندو ته سنين جون دانھون ڪوڪون ته نڪرنديون نه .
اھڙي ٽونڪارڻ ۽ ھلڙ بازي تي حيرت سان گڏ و گڏ افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو ، قسم بخدا جيڪڏھن عيسي سمين جي لفظن ڪري ڪنھن مسلمان کي رنج ۽ تڪليف پھتي آھي ته اھا فقط عشقِ رسول جي جذبي خاطر پھچي آھي ان کان علاوہ ٻئي ڪائي وجه ناھي ، ڇا عيسي سمين ان کان اڳ سنين کي گھٽ وڌ ناھي ڳالھايو ؟ ڇا سنين تي ان کان اڳ ڪا ٺٺول نه ڪيائين ؟ ڇا رؤنشي خاطر سنين جا گندا تشبيھ نه ڏنائين ؟ پر ڪڏھن ائين اجتماعي طور عيسي سمين جي مخالفت ۽ مذمت نه ڪئي وئي ھاڻي ڇو ؟ وجه ظاھر آھي ته ھينئر صلوات شريف جي باري ۾ بڪواس ڪيائين جيڪا بالواسطه توھين رسالت جي زمري ۾ اچي ٿي ، توھين رسالت تي جيڪڏھن سني آواز بلند ڪن ٿا ته جواب ۾ انھن جي ذاتيات تي حملو ڪيو وڃي ٿو.
امامِ عشق و محبت اعليٰ حضرت عليه الرحمه جن کي جڏھن گستاخن ھر اسٽيج تي ، نجي محفلن ۾ خط و ڪتابت ۾ گھٽ وڌ ڳالھائڻ شروع ڪيو خليفن عرض ڪيو سائين توھان کي تڪليف ناھي ٿيندي ؟ فرمايائون الله پاڪ جو قسم مونکي ان ڳالھ جي خوشي ٿيندي آھي جو جيسيتائين مونکي گار گند ڏيندا ۽ گھٽ وڌ ڳالھائيندا ان وقت تائين رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ذات جي توھين نه ٿيندي ۽ ان رڪاوٽ جو ڪارڻ مان ٿيندس .
ان ئي جذبي جي فيضان واري نگاه امام اھلسنت سنين تي وڌي جنھن ڪري ھر سني کي توھينِ مقدسات تي قلبي ايذاءُ رسي ٿو ۽ سني سخت مذمت ڪري ٿو ان گستاخيءَ جي .
اھو ئي عيسي سمون آھي جنھن ڪجھ وقت اڳ بينظير ڀٽو صاحبه لاءِ نامناسب لفظ ڪڍيا ھيا جنھن تي سخت سياسي دٻاءُ آيو ته مولانا راشد سومري ان بيان بابت لا تعلقي جو اظھار به ڪيو ۽ انھن لفظن جي مذمت به ڪيائين پر ھينئر راشد سومري جي آفيشل اڪائونٽ سان گڏوگڏ پوري سنڌ جي جمعيت جو سوشل ميڊيا عيسي سمون جي دفاع ۾ رُڌل آھي ڪيتري افسوس جي ڳالھ ته دنياوي مفادات ۽ سياسي دٻاءَ تي چيل لفظن کان رجوع به ڪيو وڃي ٿو ته مذمت به ڪئي وڃي ٿي ان جي مقابلي ۾ توھين مقدسات تي جڏھن اھڙو ڪوئي مفاد ۽ دٻاءُ ناھي ته دفاع جو ٻيڙو کنيو بيٺا آھن ڇا اھو عشق رسول جو تقاضو آھي ؟ ڇا اھو مخلص مسلمان جو طريقو آھي ؟ ڇا لِلٰھيت ان کي چئبو آھي ؟ ان معاملي کي به فرقيواريت جو رنگ ڏئي مفادات حاصل ڪري ڪجھ مولوين مناظري جا چيلنج به ڏنا آھن.
خدارا معاملي جي حساسيت کي سمجھو ، موجودہ دور ۾ روشن خيال طبقو ھونئن به مولوين کان متنفر ڪرڻ ۾ پوري جَٿي سان مصروفِ عمل آھي ۽ توھان انھن کي وڌيڪ موقعا ڏئي رھيا آھيو ، ھن وقت جيڪي اصل چيلنجز اسلام آڏو آھن انھن تي توجه ڏئي پنھجيون توانائيون انھن جي مقابلي ۾ ڪتب آڻيو ائين نه ٿئي جو تاريخ اسان مذھبي طبقي جي ڪردار تي کلندي رھي .
ابو عمر غلام مجتبيٰ چنا

12/01/2024

۽ تعصبي لبرلز
ٰ_چنا

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد سعادت حسن منٽو تمام گھڻو منتشر الخيال ھيو ته ڇا ھندوستان جو ادب ۽ پاڪستان جو ادب ھڪ ئي آھي يا ٻنھي ملڪن جي ادب جا ماپا ۽ معيار جدا جدا آھن ؟ پر سندس روزي روٽي تصنيف ۽ تاليف سان ئي جڙيل ھئي تنھنڪري پھريون افسانو لکيائين ٺنڊا گوشت سندس دوست احمد نديم قاسمي کي ڏنائين ته پنھنجي رسالي نقوش ۾ شايع ڪري قاسمي صاحب پڙھي واپس ڏئي چيائين ته افسانو سٺو آھي پر ٻيو لکي ڏي ، منٽو ٻيو افسانو لکيو کول دو جي نالي سان قاسمي صاحب اھو ڇاپيو ته سھي پر حڪومت حرڪت ۾ ايندي ڇھن مھينن تائين احمد نديم قاسمي جي رسالي نقوش تي پابندي مڙھي ڇڏي . ٻئي پاسي منٽو پنھنجي افساني ٺنڊا گوشت کي شايع ڪرائڻ لاءِ ٽن مختلف رسالن جي ايڊيٽرز کي چيو پر ڪير به شايع نه پيو ڪري نيٺ اچي جاويد نالي رسالي ۾ مارچ ۱۹۴۹ ۾ شايع ڪيو ويو پر رسالو مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط ايڊيٽر ، پبلشر ۽ مصنف تي حڪومتي محتسب اچي ڪڙڪيا ته توھان فحش افسانو لکيو ۽ ڇاپيو آھي تمام ڪاپيون ضبط ڪري عدالت ۾ ڪيس ھلايو ويو ڪيترا ئي مھينا ڪيس ھلايو ويو ملزمان جي طرفان تيرنهن گواھ پيش ٿيا ، انھن تي جرح ڪئي پر جيڪو جج فيصلو ڏنو ته اھو فيصلو ادبي تنقيد جو ھڪ اھم حصو ڳڻي سگھجي ٿو ، فيصلي ۾ گواھن جي حيثيت کي به اھميت ڏني وئي جو چار اردو ادب جا وڏا عالم گواھي ڏين ٿا ته ھن افساني ۾ فحاشي ناھي پر ان کان وڌيڪ اھميت ان جي آھي جو ھڪ عام شخص جيڪڏھن ان افساني کي پڙھي ٿو ته ڇا ان ۾ شھواني حسيات پيدا ٿين ٿا ؟ ھيجان آميزيت ۾ اضافو ٿئي ٿو ؟ بالڪل به نه. بلڪه اھو افسانو ماڊرن ادبي رجحانن مطابق ئي لکيو ويو آھي . ۽ ائين ان افساني ۽ ان رسالي تان پابندي ختم ڪئي وئي .
ڪجھ ڏينھَن کان سنڌي شاعر عزيز گل جي پڙھيل نظم ميگھواڙي تي به ادب جي نالي تي سنڌ جا اھي دانشور جيڪي سدائين سيڪيولرازم ۽ فريڊم آف ايڪسپريشن جا نعرا ھڻندا وتندا آھن سي ئي تنقيد ڪن پيا . ٻن پاسن کان سندس تنقيد ڪئي وڃي ٿي ھڪ ته غريب اقليتي ذات ميگھواڙ نظم ۾ ڪتب آڻي ميگھواڙ ذات جي تذليل ڪئي وئي آھي پر جي ان کان علاوہ ٻئي ڪا وڏي ۽ ڏنگي ذات ڪتب آڻي ھا ته شاعر سخت مزاحمت کي منھن ڏي ھا .
ٻيو پاسو اھو ته شاعر انتھائي بي حيائي جا الفاظ استعمال ڪري لفظن ۾ پورن گرافڪ بيان ڪئي آھي جيڪا پڻ سماجي اخلاقيات جون حدون اورانگهي ٿي .
شاعري ڪرڻ ھڪ قدرت جي ڏات آھي جيڪا تخيل جي بنياد تي جذبات جي مصوري لفظن سان ڪرڻ آھي جيئن ڪوئي مجسمه ساز ڪنھن پٿر کي ڪوري ڪٽي جسم ٺاھي ٿو ، مصور رنگن جي امتزاج سان قدرتي حسناڪين جي تختي تي منظر ڪشي ڪري ٿو ائين ئي شاعر سندس جذبات ۽ تخيّلات کي لفظن جو لباس ڏئي تشبيھات ، تلميحات ، استعارات ۽ ڪنايات جا زيور زيب ڪرائي مثلِ عنقاء غير مشاهده تخيّل جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو ان پل صراط تان گذري ٿو اھو ئي ان جي اوڻاين کي سمجھڻ جي سگھ رکي ٿو جيڪڏھن شاعر پنھنجي محبوب جي ذات شاعري ۾ ٻڌائي آھي ته ڪي نه ڪي ان ۾ سندس اغراض ۽ گھرجون به ضرور ھونديون پر جي نه به ھجن ته ڇا محبوب جي ذات ڪنھن شاعر پھريون دفعو شاعري ۾ ڪتب آندي آھي ؟ ڀٽ جي گھوٽ جو سُر ڪاموڏ پڙھي ڏسو ڪيترا ڀيرا مھاڻيون ، سميون ۽ سومريون ذڪر ڪيون آھن ٿي سگھي ٿو شاہ صاحب عليہ الرحمه سان عقيدت جي تعلق ڪري تنقيدي نظر نه وجھي سگھجي پر شيخ اياز جي شاعري ته ڏسي سگھجي ٿي اياز سومريين بابت چئي ٿو
سَر تي نميون سومريون،جُبا ڏين نه جهلَ،
جهومڪ جهومڪ پاپڙيون،جهرمر جهرمر ڳلَ،
ڇا ڇا پيارا پلَ، وارياسي جي واٽ تي
وري ٺڪراڻين بابت چيائين
هُو جي ٺڪراڻيون ، جن جا نيرا گاگهرا
ڪلھ مون جيسلمير ڏي، جيڪي اماڻيون
واٽون ويڳاڻيون، تن بن سانوڻ مينهن ۾
جيڪڏهن ان انداز سان شاعر جي تخليقي صلاحيتن جي رستا روڪ ڪئي وئي ته پوءِ صرف ذات جي ڪھڙي خصوصيت ؟ پوءِ ڪنھن شھر کي شاعري ۾ ڪتب آڻڻ تي ان شھر جي رھواسين کي اعتراض پيدا ٿيندو ، وري ڪنھن ملڪ جو نالو کڻي ڪوئي شعر نه ٿو چئي سگھي ٻئي ڳالھ ته اقليتي ذاتين مان ميگھواڙ به ھڪ غريب ذات آ تنھنڪري ان جو تذڪرو تذليل آھي اھا عجيب منطق آھي انھن اديبن جي ، مونکي يقين آھي جيڪڏھن ان جاءِ تي ڪنھن به مسلم ذات جو تذڪرو ھجي ھا ته اھي لبرل اديب چپ جو روزو رکن ھا ھڪ لفظ ڪينَ ڪُڇن ھا ڇو جو ڪيترا ئي ڀيرا آزمتا ٿيل آھن انھن ھيومنزم جي دعويدارن جا جن ۾ ھنن کي مسلمانن جي عقائد ۽ اعمال تي ته عتراض ھوندا آھن پر ديوان ۽ واڻين جي مذھبي رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ دنيا جي عظيم ڪاميابي ڀائيندا آھن پر ھنن جو اھو عذر به ختم ڪندي انھن کي شيخ اياز جي ڪولھياڻين متعلق به شعر ٻڌائي ڇڏيان ته جماليات ۽ حسناڪين جو تعلق ذات ۽ قوم سان خاص ناھي جماليات قدرت جي ڏات ۽ وھبي خاصيت آھي جيڪا اڪتساب ذريعي حاصل نه ٿي ڪري سگھجي اياز چوي ٿو ته
هيء ٿڌڙي جي رات، ٿر ۾ ڪيئي ڪولهڻيون
تاڙيون وڳيون اوچتو، چيري چپ چپات
آئي تنهنجي تات، راسوڙا رُڪجي ويا
حيرت آھي جو اھو ئي پورو طبقو آزاديءَ اظھار رائي جا نعرا ۽ فريڊم آف ايڪسپريشن جا دعوا ڪري مذھبي شدت پسندي جي گردان پڙھندو رھندو آھي ۽ اڄ فقط ھڪ غير مسلم ذات جو نالو اچڻ تي ايترو مڇرجي پيو آھي .
تنقيد جو ٻيو پاسو خالص ادبي اخلاقيات ۽ سماجي قدرن سان تعلق رکي ٿو جنھن کي حاذق نقاد ئي متعين ڪري سگھن ٿا ته ادب ۾ ڪھڙيون تشبيھون ۽ استعارا نظم ۽ شاعري جون گھرجون پوريون ڪن ٿيو ۽ ڪھڙيون جنسي تسڪين لاءِ ڪتب آنديون ويون آھن بھرحال اھو متعين ضرور آھي عورت بذاتِ خود حسن جو استعارو آھي تنھنڪري زئفاڻي عضوون جو تذڪرو تشبيھن ، تمثيلن ذريعي قديم زماني کان شاعري جو حصو رھيا آھن جيڪي فقط جماليات ۽ حساسيت جي معنويت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪتب آندا ويندا آھن پر تنھن ھوندي به اخلاقي قدرن جي ماڻن ماپن مطابق بغير بي حيائي ۽ فحاشي ظاھر ڪري جماليات کي بيان ڪري سگھجي ٿو.

 #نَيھہ_ٽڪريءَ_جو_سيرغلام مجتبيٰ چنا15 ڊسمبر جمعي جي ڏينھن سرمئي شام جو ٿڌڙي ھوا گُھلي پئي ته ادا عبدالخالق چنا جي ڪال آ...
22/12/2023

#نَيھہ_ٽڪريءَ_جو_سير
غلام مجتبيٰ چنا
15 ڊسمبر جمعي جي ڏينھن سرمئي شام جو ٿڌڙي ھوا گُھلي پئي ته ادا عبدالخالق چنا جي ڪال آئي موبائل تي نالو ڏسندي ئي مونکي ياد اچي ويو ته اڄ اروڙ جو سير ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو ھيو حالانڪه مون ئي چيو ھيو ته اروڙ ھلڻو آھي ۽ عبدالخالقَ چنا واعدو به ڪيو ھئائين ته ضرور ھلندا سين پر ٻين ڪمن ڪارن جي ڪري ويسارو ٿي پيو بھرحال ڳالھ ٿي ۽ مان آفس جي ڪم کان جان ڇڏائي جلدي ئي لبِ مھراڻ جي اڳيان گلوبل چوڪ تي پھتس ته عبدالخالق چنا مون کان اڳ ئي پھچي چڪو ھيو گاڏي ۾ ويٺا سين ته عبدالخالق ھڪ ٻئي دوست محمد علي جنھن جو تخلص ئي مخلص آھي جو ٻڌايو ته ان کي ڪال ڪئي آھي اھو به گڏ ھلندو پر دلچسپ ڳالھ اھا ھئي جو اھو دوست سنڌي ادبي سنگت جو رڪن ۽ بھترين شاعر پڻ ھيو تنھنڪري ھم خيال سنگتي جيڪو ادب ۽ شاعري جو اُساٽيل به ھجي سندس گڏجاڻي ، سفر ۽ ڪچھري پنھنجو ئي حظ ۽ لطف رکي ٿي ، سکر موٽروي انٽرچينج تان ان کي ساڻ ورتو سين ۽ اروڙ طرف روانا ٿيا سين اروڙ جي مين اسٽاپ تي پھتا سين جٿي ھڪ بورڊ به اروڙ شھر جي نالي جو لڳل ھيو ۽ کاٻي پاسي کان محمد بن قاسم مسجد جون ٻہ ديوارون موجود ھيون پر محمد علي مخلص چيو ته اڳ نَيھ واري ٽڪري ھلون ٿا واپسي تي مسجد محمد بن قاسم ايندا سين ، اڳتي روانا ٿيا سين ته رڳو پٿريلو علائقو مٽي ھئڊي ۽ ان مٿان سج لھڻ جي وقت جي پيلي اُس پوَڻ ڪري ائين پيو لڳي جيئن ڪنھن خوبصورت تصوير تي پيلو فلٽر استعمال ڪري پيلاھٽ جي گھڻائي ڪئي وئي ھجي ، رستي ۾ مسلسل ھڪ جابلو سلسلو اسان سان گڏ ائين پيو ھلي جيئن اھو به اسان جو ھمسفر ئي ھجي اروڙ کان تقريباً ٽي کان چار ڪلو ميٽر اڳتي نيھ ٽڪري ھئي نيٺ اسين نيھ ٽڪري به پھتا سين اسان سوچون ئي پيا ته آخر ڪھڙي وجه آھي ان ٽڪري تي سير ڪرڻ جي ؟ محمد علي مخلص اسان جي گائيڊ جو حق ادا ڪندي چيو ته اصل ۾ نَيھ لفظ جي معنيٰ آھي پاڻي جي وھڪري جو نشان ڇو جو ان ٽڪريءَ تي پاڻي جي وھڪري جا باقاعدہ واضح نشان موجود آھن ۽ چيو وڃي ٿو ته ڪنھن قديم زماني ۾ درياءِ سنڌ جي وھنوار بي لغام ھوندي ھئي ۽ پاڻي درياءَ ۾ چڙهندو ھيو ته ھن طرف گھڻو ڪري ٻوڏ ايندي ھئي ان ئي پاڻي جي وھڪري جا نشان ھن ٽڪري تي آھن ان ڪري ئي ھن ٽڪري کي نيھ ٽڪري چيو ويندو آھي ، بعد ۾ انگريزن جي دور ۾ درياءَ جي ھِن پاسي بند ٻڌو ويو ۽ پاڻي روڪيو ويو جڏھن ته ٻئي پاسي اڃا ڪچو ان لاءِ ئي چيو ويندو آھي جو ان پاسي ڪوئي بند ناھي ڏنو ويو . مختصر وجهِ تسميه معلوم ٿيڻ کان بعد جڏھن اسين گاڏيءَ مان لٿا سين ته ھڪ تمام وڏي ٽڪري اسان جي سامھون ھئي جيڪي ھڪ اندازي مطابق چيو وڃي ٿو ته اسڪوائر گز جي حساب سان پنجاھ گز چئني طرف کان ۽ مٿي تقريباً ٻه سؤ گز آھي .
ھن ٽڪريءَ جي سڀ کان وڌيڪ حيرت انگيز ڳالھ اھا جو اھا ٽڪري حقيقت ۾ ائين ھئي جيئن ڪنھن فروٽ کي مثلاً صوف کي ڇُري سان ڪٽي ھڪ جيتريون ئي چار ڦاڪان ڪيون وڃن بعينهٖ صفا ائين اھا ٽڪري چار ڦاڪان ٿيل ھيون جيڪڏھن ڪوئي جبل تورڻ لاءِ ترازو ھجي ھا ۽ ان جي پلڙن ۾ ھن ٽَڪريءَ جون ڦاڪون رکيون وڃن ھا ته برابر برابر وزن بيھي ھا ۽ انھن چئني حصن جي وچ ۾ باقاعدہ وٿي ۽ گيپ موجود ھيو اھي چار حصا ڪيئن ٿيا ڪنھن ڪيا ان بابت مختلف ڏندڪٿائون موجود آھن پر ڪنھن تي به يقين نه ٿو رکي سگھجي حقيقت الله ئي بھتر ڄاڻي ٿو .
ٽڪريءَ تي پاڻي جي وھڪري جي نشان ڪري باقاعدہ گسڪا ۽ گسڪن جي ڪري پٿر جو ڳَري وڃڻ ايترو واضح ھيو جو ائين پيو لڳي جيئن ڪو ڪنڀر مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاھيندي چاڪ گُھمائيندي ٿانوَ جي پيندي کي اندر جي طرف سوڙھو ڪندو آھي ۽ مٿان ٿانوُ ويڪرو ٿيندو ويندو آھي ، پٿر به ائين ئي پاڻي جي وھڪري سبب ھيٺان ڳري سوڙھو ٿئي ٿو ۽ جيئن جيئن مٿي ٿيندو وڃي ٿو تيئين ويڪرو به ٿيندو وڃي ٿو ڄڻ ڪنھن ڪنڀر چاڪ تي پٿر ٺاھيو ھيو .
شام جي ٿڌڙي ھير گُھلي رھي ھئي ، سج پنھنجي اُس ۾ سونو پاڻي ڇَٽي پيو تنھنڪري جنھن شيءِ تي اس پوندي پئي وڃي سونو رنگ چاڙھيندي پئي وڃي رستي جي ھڪ پاسي کان فصلَ اڃا ساوا ستابا ھيا ٻئي پاسي ٽڪري کان ٿورو پريان مسلسل ھڪ اڻکٽ جبلو سلسلو ھيو ٿڌ سبب فضا ۾ ڌُنڌ وڌنڌي پئي وڃي سنڌ ڌرتيءَ جي ان قدرتي دلڪش مقام تي جڏھن ھڪ پاسي ڳوٺاڻون پنھنجو ڳئون چاريندي لٺ ڪُلھن تي رکي لٺ جي ٻنھي پاسن تي ھٿ رکي گُنگنائي پيو ۽ آڪاش ۾ ڪي پکي سموري ڏينھن رزق جي تلاش ۾ گُھمي ڦري بالاخر شام جو پنھنجن آکيرن ڏانھن موٽ کائيندي ٻوليون ڪندي وڃن پيا ته پوري وايومنڊل ئي دل موھي ڇڏيو .
افسوس جي ڳالھ اھا ھئي جو اھڙو دلڪش قديم ماڳ قدرتي سونھن سان ته سينگاريل ھيو پر اسان جي حڪومتي ادارن پاران ڪنھن به قسم جي ضرورت ۽ سھولت جو ڪوئي به اپاءُ نه ورتو ويو ھيو حالانڪه اسان ڪجھ نوجوانن سان مليا سين انھن کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته اھي ملتان کان سکر آيل ھيا ۽ ھتي بالخصوص ھن قديم ماڳ جو سير ڪرڻ لاءِ آيا آھن ان جو مطلب ته ان قديم ماڳ تي پري پري کان ماڻھو اچن پيا جن لاءِ نه ڪا کائڻ پيئڻ لاءِ ڪا ڪينٽين ھئي نه ڪو مھمان خانو نه ئي ٻي ڪا سھولت . ثقافت و سياحت جي منسٽري کي گھرجي ته اھڙن قديم ماڳن جي خير خبر لھن ۽ انھن قدرتي فطري سونھن کي جديد سهولتون ۽ ضرورتون ڏئي سياحت جا مواقع فراھم ڪن . ان کان بعد مسجد محمد بن قاسم به وياسين پر ان جو حوال وري ٻئي اوريندا سين ان شاءالله العزيز.

روزانو سرتاج اڄوڪي اخبار ۾ ثقافتي ڏھاڙي تي تنقيدي اک سان نظر ڪرڻ متعلق منھنجو ڪالم.
07/12/2023

روزانو سرتاج اڄوڪي اخبار ۾ ثقافتي ڏھاڙي تي تنقيدي اک سان نظر ڪرڻ متعلق منھنجو ڪالم.

02/12/2023

ھڪ پاسي سنڌ بچائڻ وارا
ٻئي پاسي سنڌ نچائڻ وارا
توھان ڪھڙي پاسي آھيو ؟

17/11/2023

نياڻن کي پنھنجي مستقبل جي لاءِ خودمختياري ڏيو پر پنھنجي ڇانوَ ۾ رکو اڪيلي فليٽ ۽ ھاسٽل ۾ رھائش سندن زندگي تباہ ڪرڻ جي برابر آھي

اڄوڪي اخبار روزاني سرتاج ۾ ڪامريڊياڻي مرڪ جان پيرزادو جي باري ۾ منھنجو شامل ڪالم .  ُرڪون،   ،   ✍️   ٰ_چنا آپگھات ۽ خود...
16/11/2023

اڄوڪي اخبار روزاني سرتاج ۾ ڪامريڊياڻي مرڪ جان پيرزادو جي باري ۾ منھنجو شامل ڪالم .
ُرڪون،
،
✍️ ٰ_چنا
آپگھات ۽ خود ڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو انت ڪوئي به پنھنجي خوشي ۽ رضامندي سان ناھي ڪندو پر ان جي چؤطرف اھڙو ماحول پيدا ڪيو ويندو آھي جنھن ڪري نا اميدي ۽ مايوسي ان انتھا جي درجي تي پھچندي آھي جو سواءِ آپگھات جي ٻئي ڪا راہِ فرار نظر نه ايندي آھي تنھنڪري ماڻھو سمجھندو آھي ته ان طريقي سان سندس تمام مسائل کان جان آجي ڪرائي سگھجي ٿي ان کان علاوه ٻيو ڪوئي چارو باقي ناھي پر حقيقت ۾ اھڙي قسم جا تمام واقعات قتل جي زُمري ۾ اچن ٿا ۽ ان جا قاتل اھي تمام افراد آھن جيڪي انھن حالات ۽ مسائل پيدا ڪرڻ جا ذميدار آھن اھو آپگھات دراصل بالواسطه قتل آھي بالڪل ائين ئي جيئن ڪنھن ڪرائي جي قاتل ذريعي قتل ڪرائڻ . حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد مان پکي ۾ ٽنگيل ڪامريڊ مرڪ جان جو لاش ھٿ اچڻ ۽ پوليس جو ابتدائي بيان ته خودڪشي جو معاملو آھي ڏيڻ به سراسر ناانصافي ۽ سچ لڪائڻ ئي آھي جيتوڻيڪ مرڪ جان جو لاش جنھن انداز سان مليو آھي اھو ئي معاملي کي مشڪوڪ بڻائي ٿو ته واقعي خودڪشي آ يا قتل آ ؟ پکي ۾ ٽنگيل مرڪ جو ھڪ پير بيڊ تي پيل آھي ڇا واقعي ھن پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ سندس ڪوشش ۾ ناڪامي جو منھن ڏسڻو پيو ۽ ابدي ننڊ سمھي پئي ؟ اھو ئي مؤقف سندس والد جان محمد قريشي جو آھي ته ڌيءَ کي قتل ڪيو ويو آھي ڇو جو رات ئي نياڻي سان فون تي ڳالھ ٻولھ ٿي ھئي جنھن ۾ ڪائي پريشاني ۽ مايوسي ظاھر نه پئي ٿي .
ٻئي پاسي سيف جتوئي جو نالو الزام ھيٺ اچي پيو سيف جتوئي مرڪ جان جو مڙس آ يا رليشن ۾ ھيو ٻنھي جي چؤٻول آھي سيف جو به وڊيو بيان اچي ويو ته رات مونکي بار بار ڪال ڪري گھر گُھرائي پئي پر منھنجو دوست اچي ويو ھيو جنھن ڪري مان نه وڃي سگھيس ۽ رات يارھين بجي فري ٿي ڳالھايو ۽ منھنجي نه وڃڻ ڪري مرڪ تمام گھڻي ڪاوڙ ۾ ھئي ۽ فون ڪال دوران خودڪشي ڪرڻ لاءِ چوي پئي مان سمجھايانس پيو ان دوران فون ھيٺ ڪرڻ جو آواز آيو ۽ ڪال تي خاموشي ڇائنجي وئي ، سيف ان بعد چوڪيدار کي ڪال ڪري چيڪ ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ڪجھ دير کان بعد مرڪ جو لاش پکي ۾ ٽنگيل مليو .
ڪنھن وقت ۾ پڙھيل لکيل شخص پنھنجي زندگي جي يادگيرين لاءِ پرسنل ڊائري لکندا ھئا پر اڄ جي دور ۾ ان جي جاءِ سوشل ميڊيا جون ديوارون والاري ويون آھن ۽ ھر ھڪ زندگيءَ جا تمام ڏک سک انھن ديوارن تي چھٽي ڇڏي ٿو سوال ته ان واقعي تائين به گھڻا ڪر کڻي اٿن پيا پر ان کان اڳ مرڪ جان ۽ سيف جي ڪيل سوشل ميڊيا جي پوسٽ جو جائزو وٺڻ به ضروري آھي جو ان پوري قصي جي زنجير جا ڪجھ ڪڙا ضرور ملي سگھن ٿا جيڪي ڪنھن منطقي نتيجي تائين رسائي ممڪن بڻائن ٿا .
ڪامريڊياڻي مرڪ جان قومپرست پارٽي جسقم جي ونگ ناري تحريڪ جي متحرڪ ۽ سرگرم اڳواڻ به ھئي پر پارٽي جي ٻين اڳواڻن کان ناراضگيءَ ڪري گذريل مھيني ڏھ آڪٽوبر تي پنھنجي عھدي تان استعيفا ڏيندي جيڪا پوسٽ وال تي ڪئي ان ۾ پارٽي اسٽريڪچر کان ڪافي آرھائي ۽ رنجيل پڻ ھئي مرڪ جان لکي ٿي ته
مون هميشه پنهنجي وت آھر پنهنجون قومي زميواريون سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جنهن ۾ پنهنجون ئي معاشي قربانيون وقت ڏيڻ سان گڏو گڏ پارٽي سان هميشه سنجيدگيء سان بيٺي رهيس ڇو جو آئون سمجهان ٿي شهيد سنڌو ديش بشير خان جي محنت کي رائيگاني جي ور نه چاڙهجي سبب اهو ئي هو ته شهيد سنڌو ديش جي مشن کي اڳتي کڻي هلجي ان ڪارڻ پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي وزن کنيو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي جتي پارٽي شامن ۽ ڏاڏن جي ور چڙهيل هجي جتي سڄي پارٽي جو اسٽريڪچر هائجيڪ ٿيئل هجي اتي اوهان کي ڪم ڪرڻ جو اسپيس ڪٿان ملندو مان وري به شهيد سنڌو ديش بشير خان جي اڳواڻي ۾ ٺاهيل پارٽي "جسقم " جو حصو هميشه رهندس باقي اڄ کان پوء جسقم ناري تحريڪ عهدي تان آئون استعيفي ٿي ڏيان آئون ڪارڪن ٿي پنهنجون زميواريون سنڀاليندس ..
مرڪ جان
ان پوسٽ کان بعد ڪجھ ڳالھيون اھي به ھليون ته پارٽي جا ڪجھ اڳواڻ کيس ھيسائن پيا ۽ استحصال جي ڪوشش ڪن پيا ڇو جو ٻئي پاسي سيف جتوئي به بغير ڪنھن جو نالو ظاھر ڪرڻ جي پوسٽ ڪئي ھئي ته
جيڪڏھن مرڪ کي ڪجھ ٿيو ته مان توھان کي نه ڇڏيندس
انھن ديوارن جي چاڪنگ مان صاف ظاھر ٿئي پيو ته اندر ۾ ڪا نه ڪا رٿ رمز ضرور آھي جنھن جي سيف ۽ مرڪ کي خبر آھي پر اھا ظاھر ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌ جي نياڻي مرڪ جان اھي سڀ راز پنھنجي سيني ۾ کڻي ھميشه لاءِ موڪلائي ھلي ويئي پر سيف جيڪو عين مرڻ وقت فون ڪال ذريعي موجود آھي والدين کي ڌيءَ جي موت جي خبر ملڻ کان اڳ خودڪشي جو اعلان ڪرڻ سان صاف ظاھر آھي ته سيف جتوئي والدين کان وڌيڪ مرڪ جان جي ويجھو ھيو ان سموري قصي کان بعد ڪيترا ئي سوال سامھون اچن پيا ته آخر مرڪ جان پارٽي جي ڪھڙن شامن ڏاڏن جي ڳالھ ڪئي ؟
آخر ڪنھن جي ھٿن ۾ پوري پارٽي جو اسٽريڪچر ھائيجيڪ ٿيل ھيو ؟
سيف جتوئي ڪنھن کي ڌمڪي ڏئي ٿو ته جيڪڏھن مرڪ کي ڪجھ ٿيو ته توھان کي نه ڇڏيندس ؟
ڪنھن جي زور پوڻ بعد سيف اھا پوسٽ ڊيليٽ ڪري ٿو ؟
انھن تمام سوالن کان بعد ان تمام منظرڪشي بعد به پوليس جو اھو بيان ته خودڪشي جو مامرو آھي پھاڙ جيترو سچ ڏسي ڪري اک ٻوٽي انڪار ڪرڻ جي برابر آھي . جيڪڏھن صاف شفاف جانچ ڪئي وڃي مرڪ جان ۽ سيف جتوئي جا موبائيل فونز ۽ ڪال رڪارڊ چيڪ ڪيا وڃن ته اھي ابتدائي محرڪات جلد ئي سامھون اچي سگھن ٿا جن جي ڪري اھو قتل يا خودڪشي جو دل ڏکوئيندڙ ۽ جيئُ جھوريندڙ سانحو ٿيو آھي پارٽي جي اڳواڻن کي پڻ شاملِ تفتيش ڪري ڪرائتا اقدام کڻي آئندہ لاءِ اھڙن واقعن جي لاءِ سد باب ڪري سگھجي ٿو .

23/10/2023

۽ #ٽائيم #ٽريول
غلام مجتبيٰ چنا
شيخ سھل بن عبدالله تشتري عليه الرحمه جو وصال سن 283 ھجري ۾ ٿيو ۽ حضور غوث پاڪ رضي الله عنہ جي ولادت 470 يا 471 ھجري ۾ ٿي ،يعني شيخ سھل بن عبدالله تشتري جي وفات کان پيران پير دستگير بادشاهه جي ولادت کان ھڪ سئو 190 سال اڳ ٿي چڪي ھئي ھڪ ڪتاب جيڪو معتبر سمجھيو وڃي ٿو ان ۾ آھي ته سھل بن عبدالله تشتري عليه الرحمه بيان ڪن ٿا ته حضور غوث اعظم رضي الله عنہ ھڪ دفعو دجله دريا جي پاڻيءَ تان اچن پيا مڇيون پاڻي مان ٽپ ڏئي سلام عرض ڪن ٿيون ان دوران ئي ظھر جي نماز جو ِوقت ٿي ويو ھڪ وڏو مصلّو جاءِ نماز اڏامندي آئي ۽ تخت سليماني جيان پاڻيءَ تي وڇائجي وئي ان مصلّي تي ھڪ قران جي آيت لکيل ھئي ۽ ھڪ دعا لکيل ھئي گھڻا ماڻھو ان مصلّي تي بيھي رھيا حضور شھنشاہِ بغداد رضي الله عنہ دعا ڪئي اسان فرشتن جي امين جو آواز ٻڌو سين دعا پوري ٿيڻ تي ھاتفِ غيب کان آواز آيو
أبشر فإني قد استجبت لك
توھان خوش ٿي وڃو جو اسان توھان جي دعا قبول ڪري ڇڏي آ .
واقعو مڪمل ٿي ويو ۽ پاڻي تي ھلڻ ، مڇين جو حاضر ٿيڻ ۽ مصلّي جو پاڻي تي وڇائجي وڃڻ ڪنھن به عمل تي ڪوئي اعتراض ناھي ڇو جو ڪرامت چئبو ئي ان کي آ جيڪو ڪنھن ولي کا خلاف عادت عمل صادر ٿئي حيرت ان تي آ ته جيڪو بزرگ ھڪ سئو نوَي سال پھريان گذاري ويو اھو وري واپس ڪيئن آيو ۽ اھا روايت ڪنھن کي ٻڌايائين ۽ سند ڪڏھن کان ڪنھن شخص کان شروع ٿي ۽ ھلي ؟ سمجھ کان ئي مٿي آھي ھڪ ئي طريقو آھي اھڙي روايت کي سچو قرار ڏيڻ جو ته بزرگ سھل بن عبدالله تشتري ٽائيم ٽريول ( وقت ۾ سفر ڪرڻ جيڪو سائنسدان اسٽيفن ھاڪنگ بليڪ ھول جي ذريعي فقط امڪان ٻڌايو آ ) ڪري مستقل ۾ ھڪ سئو نوَي سال اڳتي آيو ھجي ۽ اھو واقعو ڏسي واپس موٽي ويو ھجي . جيڪڏھن ٻيو ڪو طريقو آھي روايت کي سچو ثابت ڪرڻ جو ته توھان ئي منھنجي علم ۾ اضافو فرمايو.
قرآن شريف کان علاوہ ڪوئي به ڪتاب ھجي ان جي ھر ھڪ روايت ۽ حڪايت يقيني ۽ قطعي نه ٿي ٿئي سگھي بالخصوص ڪرامات ۽ تاريخ جي باب ۾ تنھنڪري فقط ڪتاب ۾ آھي تي اعتماد نه ڪجي بيان ڪرڻ واري جون به گھڻيون ذميداريون آھن انھن مان ھي به آھي ته مستند ۽ معقول صاف سٿرو مواد بيان ڪجي نه ته ان جي سچ يا ڪوڙ جو ذمو ان جو ئي آھي .

22/10/2023

#ڏِسَڻُ_ڏِسين_جي، َمہَ َقَ_چَئِين
✍️ ابو عمر غلام مجتبيٰ چنا

سنڌ صوفين جي ڌرتي رھي آھي ۽ سنڌ ۾ صوفيانه شاعري ڳائي ويندي آھي تصوف ته نج محبت ۽ امن جو نالو آھي جنھن ۾ ضرر ، ڇيھو نالي ڪا شيءَ آھي ئي نه ، اڄوڪي دور ۾ صوفيانه ڪلام جي نالي تي اھڙا بيھودہ ڪلام پڙھيا ٿا وڃن جيڪي مسلمانن جي قلبي جذبات تي تلوار جيان وھن ٿا مثال طور مانجھي فقير ڪلام پڙھيو ته.
مانجھي مون محبوب پنھنجي کي صفا ويجھو ڏٺو
اڻ ڏٺي الله کي اسين نه ٿا مڃئون اسين نه ٿا مڃئون
اھي تصوف جي نالي تي ٺڳيءَ جا ٺاھ ٺاھڻ وارا لُنڊي جا صوفي اڳ مُلن جي لاءِ پار ڪڍندا ھئا ، ان کان بعد مذھب تي تنقيد نالي دل جي باھ ڪڍندا رھيا پر ھاڻي ته سڀ ليڪا ٽپي وڃي الله پاڪ جي ھستيءَ جي باري ۾ واتان ويھن پيا مانجھي فقير ته ويچارو جاھل ، اٻوجھ ماڻھو آ جنھن کي وجود ، نفي ، ھيست ۽ نيست جي بحث جي ڪھڙي خبر پر سولي سنڌي ۾ سندس پڇجي ته ڇا ڪنھن شيءِ کي مڃڻ لاءِ ڏسڻ ضروري آ ؟ ڇا ڪنھن شيءِ کي محسوس ڪرڻ جو ذريعو فقط ڏسڻ ئي آھي ؟ مانجھي فقير ! ڪڏھن سُڳنڌ ۽ سرھاڻ جي واس ورتي ھوندئي پر خوشبو ۽ سڳنڌ ڏٺي نه ھوندئي ، ڇا خوشبو نالي جي ڪا شيءَ آھي ئي نه ؟ تنھنجو ڪريه آواز اسان جي سماع خراشي جو سبب ته بڻيو پر ڪنھن ڏٺو ڪونه ڇا ٿو سمجھين ته آواز کي مڃيون يا نه مڃيون ؟ چوڻ جو مقصد ته ڪنھن شيءِ جي وجود کي مڃڻ لاءِ ڏسڻ ئي دليل ۽ ثابتي ناھي وجود کي تسليم ڪرڻ لاءِ ان جا ٻيا دليل به ڪافي ٿين ٿا ان لاءِ اڻ ڏٺل نه مڃڻ جي دليل نه ٿيندي پنھنجي شاعري جو قبلو درست ڪري ٻئي ڪا پختي دليل آڻ فقير .
بدقسمتيءَ سان الحاد ۽ انڪار خدا جو فڪر ۽ سوچ رکندڙ اھي ماڻھو جيڪي پنھنجي نالي سان اديب ، دانشور ، ڏاھو ۽ اسڪالر جا القاب لڳائيندا آھن جو تعداد به گھٽ ناھي انھن کان جيڪڏھن انھن جي زبان ۾ وجود جي باري سمجھايو وڃي ته چئي سگھجي ٿو مثال طور ڪو به شخص جڏهن چوي ٿو ته هي منهنجو وجود آهي ته هن جملي ۾ ٿورو غور ڪريو ’هي منهنجو وجود آهي‘ لفظِ هي ضمير اشارو آهي، جيڪو ڪنهن وجود ڏانهن ڪيو پيو وڃي، اهو وجود ڪنهن جو آهي ؟؟ پنهنجي پاڻ جو ، اشارو ڪير پيو ڪري مان ان جو مطلب ته ’ آئون‘ ۽ وجود ٻه الڳ الڳ شيون آهن، جي آئون ۽ وجود ھڪ شيءِ ئي آهن ته پوءِ هر شيءِ پنهنجو وجود ڇو نٿي ڳڻائي، هر شيءِ جو هئڻ يا مشاهدي ۾ اچڻ ئي سندس وجود جي علامت آهي پر ’آئون‘ کي پاڻ ڏانهن اشارو ڇو ڪرڻو ٿو پوي؟ موت کان پوءِ وجود موجود آهي، پر ان مان آئون نڪري ويئي . جھڙيءَ طرح مان پنھنجي ھٿ ڏانھن اشارو ڪري چئي سگھان ٿو ته ھي منھنجو ھٿ آھي ، ھي منھنجو منھن آھي ، ھي منھنجو قلم ۽ ھي منھنجو موبائيل آھي چوڻ باوجود آئون ، ھٿ ، منھن ، قلم ، موبائيل کان الڳ ۽ جدا آھيان اھڙي طرح ھي منھنجو وجود آھي جملي ۾ آئون ۽ وجود ٻه الڳ الڳ شيون آھن ، جسم آھي پر مري وڃڻ کانپوءِ اھو منھنجو جسم ھوندو مان نه ھوندس سوال واپس موٽي آيو ته پوءِ آئون يا مان ڪير آھيان ؟ ان جو جواب ھڪ ئي آھي ته جنھن نُڪتي ۽ مقام تي منھنجو جسم ۽ روح جو ميلاپ ٿئي ٿو اھو نڪتو ۽ مقام ئي مان آھيان يعني توھان ڪڏھن پنھنجي پاڻ کي ڏٺو آھي ؟ توھان جيڪو آئون ۽ مان سان خودي کي تعبير ڪندا آھيو ان خوديءَ کي ڏٺو اٿوَ ؟ جواب نه ئي ملندو جڏھن توھان پنھنجي مان ، آئون ۽ خودي کي ئي ناھي ڏٺو ته ان آئون جي خالق کي ڏسڻ جي سگھ ان انساني اک ۾ ٿئي سگھي ٿي اھو فيصلو پاڻ ڪيو . دنيا ۾ ان کي ڏسڻ ممڪن ئي ناھي پر ھا ان جي جلون ۽ تجلين کي ڏسي سگھجي ٿو جيڪو تصوف جو اصل مقصد ۽ ماڳ آھي ڀنگ جو پيالو پي ڪري اُبتا سُبتا جملا وات مان ڪڍڻ کي صوفيانه شاعري ناھي چئبو صوفيانه شاعري جي شھنشاھ ڀٽائي گھوٽ الله کي ڏٺو ڪونه پر پاڻ فرمائي ٿو ته جي جيڪي ان جي معرفت جي واٽ جا پانڌي ٿيا تن ھر شيءِ ۾ ان جا جلوا ضرور ڏٺا ڇو جو اک جي بصارت سان ان جو ادراک ممڪن ناھي پر دل جي بصيرت سان ان جا جلوا ھر ھنڌ آھن بلڪه ھي نظامِ شمسي ئي ان جي صفتن جو مظھر آھي پر مؤمن واري فراست ۽ قلبي بصيرت واري لاءِ.
اُونداھِي اَڌ راتِ ۾، پِرينِ پَسايو پاڻُ
چَنڊُ۠ ڪَتِين ساڻُ، پيھِي وِئو پَڙِلاوَ ۾
يعني اڌ رات جي اونداھيءَ ۾ جڏھن ان پنھنجي سونھن جو جلوو ڏيکاريو تہ چنڊ ڪتين سميت ھر شيءِ ان جي سونھن جي جلون ڪري ڍڪجي وئي ڇو جو ھر طرف ان جو ئي جلوو ھيو ، مانجھي ۽ سندس يارن کان پڇجي ته صوفين ته ھر طرف ان جا ئي جلوا ڏٺا تون ڪھڙو صوفي آھين جو نه پاڻ ڏٺئي نه ٻئي ڪنھن جي مڃين ٿو .
وري ڀٽائي گھوٽ فرمايو ته
کاھوڙِينِ خَفِيءَ کان سوجهي لَڌو سُبحانُ
عاشِقَ اِھڙين اکَرين لَنگهِئا لامَڪانُ
ھُو ۾ گَڏجِي ھُو ٿِئا بابُو سي بِرِيَانُ
سَڀوئِي سُبحَانُ، آيو نَظَرِ اُنِ جي.
يعني کاھوڙِين (سالڪن) پنھنجي اندر جي ڳُجهي ذڪر (خفيءَ) مان وڏي واکاڻ واري رب ۽ (جڳ جھان جي) مالڪ کي صحيح سُڃاڻي ورتو. اھي عاشق انھيءَ طريقي سان ”لامڪان“ کان بہ اڳتي گذري ويا. اھي پَچي پُختا ٿيل فقير صفت (عارف) حق سان ملي پاڻ حق ۾ فنا ٿي ويا. اھڙن عارفن کي پوءِ ھر طرف الله سبحانہ و تعالى (جو جلوو) نظر آيو .
ھڪ طرف مانجھي جو تصوف جنھن ۾ اڻ ڏٺو ٻئي طرف شاہ عبداللطيف ڀٽائيءَ عليه الرحمه جو تصوف جو ھر طرف ان جو جلوو نظر اچي وري سُر ڪلياڻ ۾ چيائون
ڏِسَڻُ‘ ڏِسين جي، تہ ھَمہَ کي حَقَ چَئِين
جيڪڏھن توکي اندر جي اک (صحيح فھم ۽ ادراڪ واري نظر) سان ڏسڻ نصيب ٿئي تہ جيڪر سڀ کي ساڳي ان جي ئي حقيقت ڪري ڄاڻين. (توکي ھر شيءِ ۾ حق جو جلوو نظر اچي يا سراسر حق نظر اچي).

   غلام مجتبیٰ چنااکھاڑے میں اترتے ہوئے مقابلہ کی اہمیت اتنی ہی بڑھتی جاتی ہے جتنی بازی ایم لگائی جائے اور پھر بازی اگر ...
20/10/2023


غلام مجتبیٰ چنا
اکھاڑے میں اترتے ہوئے مقابلہ کی اہمیت اتنی ہی بڑھتی جاتی ہے جتنی بازی ایم لگائی جائے اور پھر بازی اگر اپنی جان ، عزت ، پیاروں اور وطن کی لگی ہو تو اس سے زیادہ میدان کی اہمیت ہو ہی نہیں سکتی ایسے مقابلے میں جب شکست کھا جائے تو اب مزید ہارنے کیلیے اس شکست خوردہ کے پاس کچھ باقی نہیں رہتا یہ وہ حال ہوتا ہے جب ہارنے والے کے احساسات اور کیفیات میں ڈر اور خوف جیسے الفاظ بالکل بے معنیٰ ہو کر رہ جاتے ہیں کیونکہ اب مزید کھونے کیلیے اس کے پاس کچھ ہوتا ہی نہیں کہ جس کے کھونے پر وہ افسردہ ہو ، جس کے ہارنے سے وہ ڈر جائے ، جس کا کھونا اس پر کپکپی طاری کر دے یہی وہ نکتہ ہوتا ہوتا ہے جس سے کوئی فرد یا معاشرا ایسی اٹھان اٹھتا اور پروان چڑھتا ہے جو تاریخ رقم کر دیتی ہے مجھے اس فلسطینی بچی کے چہرے پر ایسے ہی تاثرات دکھے کہ جب فلسطینی بچی ہاتھ میں جھنڈا لہراتی ہوئی جن کھنڈرات پر کھڑی ہوئی تھی وہ اس کا شہر تھا جہاں وہ پیدا ہوئی ہوئی تھی جہاں وہ چلنا سیکھتے ہوئے کبھی گر جاتی تھی تو مامتا کی گود کی گرماہٹ اس کی تکلیف کو ہوا کر دیتی تھی ان ہی گلیوں میں اس کا باپ اس کے لاڈ اٹھاتے ہوئے قلبی مسرت محسوس کرتا تھا اس کا بڑا بھائی جو اس کی حفاظت کا ذمیدار بنتا تھا محلے کے بچوں کیساتھ جب وہ پڑوس کے پارک میں کِھلْکاریاں کرتی تھی تو اس کے والدین کی سماعتوں میں ترنّم سے بھرپور سُر ٹکراتے تھے آج وہ شہر کھنڈرات کا ڈھیر بن چکا تھا ، اس کی شعوری زندگی سے پہلے ہی ماں باپ بھائی ہمیشگی کی نیند سو چکے تھے وہ بچے جن کیساتھ وہ کھیلتی کودتی تھی معلوم نہیں کہاں ہیں ، زندہ بھی ہیں یا نہیں سب کچھ کھو چکنے کے بعد بھی اس کا چہرہ خوف ، ڈر اور سہمگی کے جذبات اور احساسات سے عاری ہے میرا بس چلے تو واللہِ ستاوَن اسلامی ممالک کے سربراہوں کو ان کی طاقتوں اور ہتھیاروں سمیت اس بچی کے سر پر وار کر ان ہی کھنڈرات کے ڈھیر پر پھینک دوں ، مجھے ان ظاہری مسلم رہنماؤں کے ردعمل پر کوئی تعجب اس لیے بھی نہیں کہ ان کے پیروں میں دنیاوی مفادات کی ان دیکھی بیڑیاں اور زبانوں پر لگام کا لگا ہوا ہونا ، دونوں ہاتھوں سے یورپی سلامی بھرنے کی وجہ سے ہاتھوں کا شل ہو چکنا دوور سے نظر آرہا ہے پاکستان کے موروثی حکمران اپنا دامن جھاڑتے ہوئے برئُ الذمہ ہورہے ہیں کہ ہماری حکومت نہیں نگران حکومت کا سیٹ اپ ہے وہی کرے گی کچھ ، ال سعود اور سلطنتِ عثمانیہ کے بچے کھچے ورثہ پرانی یاریاں نبھانے میں مصروف ہیں ، ایران سے لوگوں نے حد سے زیادہ توقعات وابستہ تو کی تھیں لیں لیکن وہ اپنی کھونٹی پر بندھے حیوان کے بھونکنے سے زیادہ کچھ نہیں کر رہا اور نا کر سکتا ہے بلکہ اگر یہ کہا جائے کہ حماس کو آگے لا کر فلسطین پر جنگ مسلط کرنے کی ذمیداری بالواسطہ ایران ہی پر آتی ہے تو بے جا نا ہوگا آج یہ تمامی حکمران لاکھ تاویلات و توجیہات سے خود کو مکھن کے بال کی طرح صاف نکال لیں لیکن انہی کے ضمیر کی عدالت ان کو اس ظلم و بربریت میں برابر کا شریک ضرور ٹہراتی ہے ۔
جو دین کہ ہمدرد بنی نوع بشر تھا
اب جنگ و جدل چار طرف اس میں بپا ہے
دولت ہے نہ عزت نہ فضیلت نہ ہنر ہے
اک دین ہے باقی سو وہ بے برگ و نوا ہے
چاوش تھے للکارتے جن رہ گزروں میں
دن رات بلند ان میں فقیروں کی صدا ہے
تدبیر سنبھلنے کی ہمارے نہیں کوئی
ہاں ایک دعا تری کے مقبول خدا ہے
اے خاصہ خاصان رسل وقت دعا ہے
امت پہ تیری آ کے عجب وقت پڑا ہے​
پاکستان میں بھی بہت سارے ایسے لنڈے کے لبڑل دیکھنے کو مل رہے ہیں جن سے ہفوات اللِسان کا اجراء اس طور پر ہو رہا ہے کہ یہ کوئی اسلام اور یہودیت کی جنگ نہیں بلکہ ملک اور دھرتی کی جنگ ہے ، اسرائیل ان کا آبائی خطہ ہے اس کا دفاع ان کا فریضہ ہے ۔
کوئی ان دشمنانِ عقل و فطرت سے پوچھے کہ جنگ و لڑائی دو افراد کے مابین ہو یا ملکوں کے درمیان ، پورے ملک کی ہو یا ایک انچ جگہ کی کیا دونوں فریقین کے مابین ایک طرف حق اور دوسری طرف باطل نہیں ہوگا ؟ آراء و نظریات کے متضاد صورت میں حق و باطل کی نفی اجتماعِ ضدین کو لازم ہے واضح سی بات ہے کوئی ایک حق پر تو دوسرا ناحق پر ہوگا ، تو انسانیت ، مساوات سیکیولرازم کی مالا جپنے والے کم از کم حق و ناحق کی صدا تو بلند کرتے غیر جانبدار ہو کر صحیح اور غلط کا فیصلہ تو کرتے انسانیت کے نام پر اپنی دکانیں چمکانے والے ظلم اور ناانصافی کی نشاندہی تو کرتے لیکن یورپی آقاؤں کی غلامی کا دم بھرنے والے ہمیشہ کی طرح اس بار بھی کیونکہ بات مسلمانوں کی تھی لہذا منافقت میں بازی لے گئے ذاتی لڑائی اور زمین کا ٹکڑا کہہ کر لوگوں کی آنکھوں میں دھول جھونکنے کی ناکام کوشش کررہے ہیں
ان نامرد حکمرانوں سے کوئی امید رکھنے کے بجائے اگر امتِ مسلمہ اب بھی غفلت سے بیدار ہو کر ایک بار پھر دنیاوی سرحدوں کی لکیروں کو مٹا کر نظامِ خلافت پر جمع ہوجائے تو ان بزدل گوروں میں آنکھ اٹھا کر اسلام کی طرف میلی نظر سے دیکھنے کی بھی ہمت نا ہو اور یقینِ کامل ہے کہ ان شاءاللہ وہ دن ضرور آئے گا پہلے نا آیا تو امام مہدی سلام اللہ علیہ وہ دن لائینگے جب اسلام ہی کا پرچم بلند و بالا ہوگا
اے خاصہ خاصان رسل وقت دعا ہے
امت پہ تیری آ کے عجب وقت پڑا ہے
جو دین بڑی شان سے نکلا تھا وطن سے
پردیس میں وہ آج غریب الغربا ہے
جس دین نے غیروں کے تھے دل آ کے ملائے
اس دین میں اب بھائی خود بھائی سے جدا ہے
ہے دین تیرا اب بھی وہی چشمہ صافی
دیں داروں میں پر آب ہے باقی نہ صفا ہے
ڈر ہے کہیں یہ نام بھی مٹ جائے نہ آخر
مدت سے اسے دورِ زماں میٹ رہا ہے
روشن نظر آتا نہیں واں کوئی چراغ آج
بجھنے کو ہے اب گر کوئی بجھنے سے بچا ہے

Address

Barraj Road
Sukkur
64500

Opening Hours

Monday 14:15 - 17:00
Tuesday 02:15 - 17:00

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Allama Ghulam Mujtaba Qadri posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Place Of Worship

Send a message to Allama Ghulam Mujtaba Qadri:

Share