02/09/2025
MPA Sakrand
(19 ورسي تي خراج تحسين)
{سڪرنڊ تعلقي جو پھريون MPA}
الحاج رئيس علي نواز خان انڙ صاحب
اڄ رئيس الحاج ڄام علي نواز خان انڙ (مرحوم) جی 19ورسي جي مناسبت سان کيس خراج تحسين پيش ڪيان ٿو ۔
جڏھن سڪرنڊ تعلقي ۾ قاضي احمد شھر ۽ ان جي پسگرادئي علاقا تعلقي سڪرنڊ ۾ شامل ھوندا ھئا ته ان دور وقت جي حساب سان مرحوم حاجي صاحب کي سڪرنڊ تعلقي جو پھريون ايم پي اي ٿيڻ جو اعزاز حاصل آھي ۔
الحاج رئيس ڄام علي نواز خان انڙ 1971ع جي اليڪشن ۾ آزاد حيثيت ۾ حصو ورتو سندس مقابلي ۾ رئيس حاجي امام علي انڙ صاحب ھو۔ پاڻ اڪثريت سان ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي ان دوران پاڻ ايم ،پي ،اي چونڊجي ويو ۽ بعد ۾ پ،پ،جي چيئرمين شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ويجهڙائي هئڻ ڪري پ، پ، ۾ شامل ٿيو ان دوران پ، پ، ۾ رهڻ دوران 1977ع ۾ اليڪشن ۾ پ ،پ جي ٽڪيٽ تي ايم ،پي ،اي چونڊيو ۽رئيس علي نواز خان انڙ پنهنجي سياست واري دور ۾ فيلڊ مارشل صدر ايوب خان ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان سدائين ويجهو رهيو ،ٻئي ذڪر ڪيل حڪمران رئيس علي نواز خان انڙ جي شخصيت کان متاثر هئا ،الحاج رئيس ڄام علي نواز خان انڙ ڊسٽرڪٽّ ڪو آڊينيشن ڪاميٽي ضلع نوابشاھ جي چيئرمين ۽ وليج ايڊ ڪائونسل جي چيئرمين جي حيثيت ۾ ٺھرايل ماڊل ڳوٺ ،،نور ماڊل وليج ،،۽ ٻيون سرڪاري عمارتون پنهنجو مثال پاڻ آھن ،نازباغ قاضي احمد کي سنڌ جو ،،شالامار ،، سڏيو وڃي ٿو ،نازباغ 180 ايڪڙن تي ٻڌل آھي جنهن ۾ پارڪ ،چڙيا گهر توڙي ملڪي غير ملڪي گل سونهن جي علامت بڻيل آھن جتي ملڪي ۽ غير ملڪي سياھ گهمي تفريح حاصل ڪئي آھي جيڪا اڄ تائين جاري آھي ،الحاج ريئس ڄام علي نواز خان انڙ جي مهمانوازي جو پڻ ھڪ مثال آھي ۔ سندس مھمانن ۾ ملڪ جون وڏي پائي واريون اعلى شخصيتون مخدوم امين فهيم ،پير پاڳارو ، مختلف برادرين جا سردار ۽ ملڪ جا ناليوارا وڏا صحافي ،بيرو ڪريٽ ،قانوندان ،مذھبي اڳواڻ به شامل آھن ،
رئيس حاجي علي نواز خان انڙ زراعت ۾ پاڻ ملهايو ،1965ع ۾ آمريڪا گورنمينٽ جي پروگرام فارمر يوٿ ايڪشن ايڪسپ ۾ پاڪستاني وفد سان ويو ۽ واپس اچي آمريڪا جا زرعي سسٽم متعارف ڪرايائين ،1989ع ۾ انڊسٽريل ڪاليج آرمڊ فورس آمريڪا پاران کيس ايوارڊ مليو ۽ ان ئي سال ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ بايو گرافي آمريڪا پاران ليڊر شپ ايوارڊ ۽ ايگريڪلچر يونيورسٽي يو،اين ،اي پاران کيس ايوارڊ مليا ،صاف سٿري سياست ۾ پاڻ مڃرائيندڙ حاجي رئيس علي نواز خان انڙ کي 1969ع ۾ صدر ايوب خان ملڪي خدمتن ۾ پاڻ مڃرائڻ تي تمغہ قائداعظم ،،ايوارڊ ڏنو ،
الحاج رئيس ڄام علي نواز خان انڙ پاران 1985ع ۾ فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ضياء الحق پاران مجلس شورا جي ميمبري جي آڇ ٺڪرائيڻ کان پوء پاڻ ان ئي سال عملي سياست مان رٽائرڊ ٿيو ،
مرحوم الحاج رئيس ڄام علي نواز خان انڙ سياست تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوء پاڻ کي مذھبي عبادتن ۽ ڪمن ۾ مصروف ڪري ڇڏيو ،
1986ع ۾ ڪعبتہ الله شريف جي پيش امام کي قاضي احمد ۾ دعوت ڏئي ناز باغ ۾ جلسو ۽ ٻه وقت عصر ۽ مغرب جي نماز باجماعت پڙھايائين جنهن ۾ ھزارين ماڻھن نماز ادا ڪئي ،
رئيس الحاج ڄام علي نواز خان انڙ 31 آگسٽ 2006ع ۾ هن فاني دنيان مان لاڏاڻو ڪري هميشه اسان کان موڪلائي ويو ، سندس ڪيل ڪاوشون آڄ به عوام ياد آھن ۔
مرحوم حاجي صاحب جي آڄ 19 ھين ورسي آھي ۔ ان موقعي تي کيس مان سلام ٿو پيش ڪيان ۔ ۽ دوستن کي پڻ گزارش آھي ته سندس حق ۾ چار قل شريف ۽ سورته فاتح پڙھي بخشيندا ۔