حرجماعت - چونڪي پار

حرجماعت - چونڪي پار Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from حرجماعت - چونڪي پار, Religious organisation, Pir Jo Goth.

هي چؤنڪي شعبان المعظم جي مهيني ۾ مقرر ٿيل آهي، هن چؤنڪي ۾ خیرپور،سکر،شڪارپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ بلوچستان جي جماعت شامل آهي.موجودہ وقت هن چونڪي جو خليفو فقير محمد اڪرام کوسو جن آهن،جيڪي چونڪي پار جي ذميداريون سرانجام ڏئي رهيا آهن. چؤنڪي پار مختصر تعارف
هي چؤنڪي شعبان المعظم جي مهيني ۾ مقرر ٿيل آهي، هن چؤنڪي ۾ شڪارپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ بلوچستان جي جماعت شامل آهي. هن جو پهريون مُک شهداد فق

ير کوسو مقرر ٿيو، ان کان پوءِ محراب فقير کوسو ٻيو مُک مقرر ٿيو، ان جي وفات بعد ڪريم بخش فقير ڀيو ٽيون مُک مقرر ٿيو، وري خميسو فقير کوسو مُک ٿيو، انقلاب وارن ڏهن سالن ۽ گادي جي آبادي بعد فقير ميرمحمد ڀيو کي پنجون مُک بنايو ويو، ان جي وفات بعد سندس پٽ فقير قربان علي ڀيو ڇهون مُک مقرر ٿيو، پنجن سالن کان پوءِ پيرسائين سيد شاهه مردان شاهه جن : ان کي تبديل ڪري ڪجھ ڏينھن لاء فقير خدا بخش ڀيو کي ستون خليفو مقرر ڪيو ان کانپوء پاڻ درگاهه شريف جي خطيب ۽ پيش امام ، جامعه راشديه جي مهتتم فقير مفتي محمد رحيم کوسو سڪندري کي اٺون مُک مقرر ڪيو ويو جن خوش اصلوبي سان چونڪي جي خدمت سميت مدرسي جامعه راشديه ۽ ھر ايندڙ خلق خدا جا ڪم ڪندا رھيا، عمر جي پوئين حصي م جڊھن ڪم گھڻا ٿي ويا پاڻ قبله سائين حضرت پير سائين سردار پير صبغت اﷲ شاهه سوئم کان آرام جي موڪل ورتي تنھن تي قبله جن حضرت مفتي صاحب جن جي وڏي صاحبزادي محمد اڪرام کھوسو کي پڳ ٻڌڻ جو حڪم صادر فرمايو( نائون خليفو) هن وقت به درگاهه شريف جي خدمت ۾ مشغول آهي.

ڀيڄ پاڳارا ھفتیوار محفل ذڪرضلع لاڙڪاڻوجمعو 22.5.2026  فقير عامر علي ڀٽو جي طرفان  سندس سوسائٽي رتوديرو ۾ ذڪر شريف جي محف...
22/05/2026

ڀيڄ پاڳارا
ھفتیوار محفل ذڪر
ضلع لاڙڪاڻو

جمعو 22.5.2026

فقير عامر علي ڀٽو جي طرفان سندس سوسائٽي رتوديرو ۾ ذڪر شريف جي محفل عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي جنهن ۾خصوصي خطاب فقیر سید فقیر فاروق احمد شاھ راشدی صاحب ڪیو.

چونڪي بان وارن کي لک لک مبارڪون
18/05/2026

چونڪي بان وارن کي لک لک مبارڪون

چونڪي بان مختصر تفصیل

هي چونڪي ذوالحج واري مهيني ۾ مقرر ٿيل آهي، جنهن ۾ بان واهه جي ڪانهڙ موري کان هيٺ ويندي شادي پلي تائين ، تعلقه سانگهڙ، کپرو ۽ تعلقي ساماري جي جماعت شامل آهي، هن چونڪي ۾ بان واهه جي ٻنهي پاسن جي جماعت شامل آهي، تنهن ڪري بان سڏجي ٿي.
انجو پهريون مُک مانجهي فقير پهوڙ مقرر ٿيو، ان جي وفات کان پوءِ ولي محمد فقير پهوڙ ٻيو مک ٿيو، حضرت پيرسائين سورهيه بادشاهه جن ملوڪ فقير پهوڙ کي ٽيون مُک مقرر فرمايو، جنهن گهڻو وقت خدمت ڪئي ، ان جي وفات کان پوءِ سندس ڀائيٽو عبدالرشيد فقير پهوڙ چوٿون مُک ٿيو، ان جي وفات بعد مراد علي پهوڙ کي مک مقرر ڪيو ويو ان جي وفات کان پوءِ عبدالرشيد فقير پهوڙ جي پٽ ولي محمد فقير پهوڙ کي مک مقرر ڪيو ويو، جيڪو هن وقت به خدمت ڪري رهيو آهي.

یوٹیوب چینل سبسکرائب کریں 👇
https://youtube.com/?si=i6WzjYhsbRJlMdJg

واٹس ایپ چینل سبسکرائب کریں 👇
https://whatsapp.com/channel/0029Va8lx9T9WtBzDRLsPx3p

ٹیلگرام چینل سبسکرائب کریں 👇
https://t.me/faizanerozaydhani

واٹس ایپ گروپ جوائن کریں 👇
https://chat.whatsapp.com/BGFsj9T0be06HFOcVyp577

ڪراچي: خليفي فقير محمد اڪرام کوسو، اڳوڻي سيڪريٽري ۽ نامياري ليکڪ ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي....
16/05/2026

ڪراچي: خليفي فقير محمد اڪرام کوسو، اڳوڻي سيڪريٽري ۽ نامياري ليکڪ ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي شخصيتن وچ ۾ علمي ۽ ادبي موضوعن تي گفتگو ٿي. ان موقعي تي ڊاڪٽر صاحب کيس پنهنجي ذاتي لائبريري پڻ ڏيکاري. آخر ۾، خليفي محمد اڪرام پنهنجي والدِ محترم، استاذ العلماء شيخ الحديث والتفسير حضرت مفتي محمد رحيم سڪندري (رح) جي سوانح حيات ۽ اردو ۽ سنڌي مجمع الفیوضات امام العارفین حضرت پیر سید محمد راشد روضي ڌڻي رح تي ٻڌل ڪتاب ڊاڪٽر صاحب کي تحفي ۾ ڏنو، جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب کيس سنڌي تصوف تي لکيل هڪ ڪتاب پيش ڪيو.

ڀيڄ پاڳارا ھفتیوار محفل ذڪرضلع لاڙڪاڻوجمعو 15.5.2026  راڻل فقير  ابڙو  جي   طرفان  سندس  جي  گهر  ڳوٺ ڀونڀٽ پور  لڳ نئون...
15/05/2026

ڀيڄ پاڳارا
ھفتیوار محفل ذڪر
ضلع لاڙڪاڻو

جمعو 15.5.2026
راڻل فقير ابڙو جي طرفان سندس جي گهر
ڳوٺ ڀونڀٽ پور لڳ نئون ديرو م ذڪر شريف جي محفل عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي جنهن ۾ فقیر عبد الغفار ملفوظات شریف جو بیان ڪیو.
خصوصي خطاب سید فقیر فاروق احمد شاھ راشدی صاحب ڪیو.

صحبت پور: ڳوٺ حاجي محمد عرس کوسو، ضلع صحبت پور نورپور ۾ فقير حاجي محمد عرس کوسو جي والده ۽ مک خليفي (چونڪي پار) فقير محم...
10/05/2026

صحبت پور: ڳوٺ حاجي محمد عرس کوسو، ضلع صحبت پور نورپور ۾ فقير حاجي محمد عرس کوسو جي والده ۽ مک خليفي (چونڪي پار) فقير محمد اڪرام کوسو جي پڦي جي وفات تي مهتمم جامعه راشديه مفتي دوست علي سڪندري فقير حاجي محمد عرس کوسو سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي مرحومه جي ايصالِ ثواب لاءِ فاتحه ۽ خصوصي دعا گهري وئي.

ڀيڄ پاڳارا ھفتیوار محفل ذڪر حر جماعت ضلع لاڙڪاڻوجمعو 8.5.2026  بابو فقير نوناري  جي   طرفان  سندس  جي رھائشگاھ رتوديرو ش...
08/05/2026

ڀيڄ پاڳارا
ھفتیوار محفل ذڪر
حر جماعت ضلع لاڙڪاڻو

جمعو 8.5.2026

بابو فقير نوناري جي طرفان سندس جي رھائشگاھ رتوديرو شھر ۾ ذڪر شريف جي محفل عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي جنهن م خصوصي خطاب فقیر سید فاروق احمد شاھ راشدی صاحب ء مولوی فقیر محمد سلیم سڪندری صاحب ڪیو.

#تصوف

مانجهي پور: مانجهي پور ضلع صحبت پور  ۾ حرمجاهد غازي فقير حاجي مير حسن کوسو جي وفات تي   مک خليفي (چونڪي پار) فقير محمد ا...
06/05/2026

مانجهي پور: مانجهي پور ضلع صحبت پور ۾ حرمجاهد غازي فقير حاجي مير حسن کوسو جي وفات تي مک خليفي (چونڪي پار) فقير محمد اڪرام کوسو ۽ مک خليفي (چونڪي گمهه) فقير احمد صالح مهر لواحقین سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي مرحوم جي ايصالِ ثواب لاءِ فاتحه ۽ خصوصي دعا گهري وئي.

صحبت پور: ڳوٺ حاجي محمد عرس کوسو، ضلع صحبت پور نورپور ۾ فقير حاجي محمد عرس کوسو جي والده ۽ مک خليفي (چونڪي پار) فقير محم...
06/05/2026

صحبت پور: ڳوٺ حاجي محمد عرس کوسو، ضلع صحبت پور نورپور ۾ فقير حاجي محمد عرس کوسو جي والده ۽ مک خليفي (چونڪي پار) فقير محمد اڪرام کوسو جي پڦي جي وفات تي مک خليفي (چونڪي گمهه) فقير احمد صالح مهر فقير حاجي محمد عرس کوسو سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي مرحومه جي ايصالِ ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ خصوصي دعا گهري وئي.

ڀيڄ پاڳارا ھفتیوار محفل ذڪرضلع لاڙڪاڻوفقير راحب ڀٽو جي  طرفان  ڳوٺ ماهي ڀٽا لاڙڪاڻو م ذڪر شريف جي محفل عقيدت ۽ احترام  س...
01/05/2026

ڀيڄ پاڳارا
ھفتیوار محفل ذڪر
ضلع لاڙڪاڻو

فقير راحب ڀٽو جي طرفان ڳوٺ ماهي ڀٽا لاڙڪاڻو
م ذڪر شريف جي محفل عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي جنهن ۾ فقیر عبد الغفار ملفوظات شریف جو بیان ڪیو.
خصوصي خطاب سید فقیر فاروق احمد شاھ راشدی صاحب ڪیو.

ڀيڄ پاڳارا ھفتیوار محفل ذڪرضلع لاڙڪاڻوجمعو 24.4.2026 فقير محبوب علي ڪوري  جي  پاران  سندس  جي  گهر ۾  نئون ديرو ۾  ذڪر ش...
24/04/2026

ڀيڄ پاڳارا
ھفتیوار محفل ذڪر
ضلع لاڙڪاڻو

جمعو 24.4.2026

فقير محبوب علي ڪوري جي پاران سندس جي گهر ۾ نئون ديرو ۾ ذڪر شريف جي محفل عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي جنهن ۾ فقیر عبد الغفار ملفوظات شریف مان نقل شریف بیان ڪیو.
خصوصي خطاب سید فقیر فاروق احمد شاھ راشدی صاحب ڪیو.

چونڪي نارو جي جماعت کي چونڪي سنڀالڻ تي لک لک مبارڪون.
19/04/2026

چونڪي نارو جي جماعت کي چونڪي سنڀالڻ تي لک لک مبارڪون.

چؤنڪي نارو مختصر تعارف

هيءَ چونڪي ذوالقعد جي مهيني ۾ مقرر ٿيل آهي ، هن چونڪي ۾ منڍ جمڙائو کان وٺي کپري ۽ عمرڪوٽ تائين ناري جي ٻنهي پاسن جي جماعت شامل آهي. ان ڪري هن تي “نارو ” نالو پيو آهي، پهريون مُک غوث محمد فقير هنڱورو مقرر ٿيو ،ان کان پوءِ سندس ڀائٽي نورمحمد هنڱوري کي ٻيو مک مقرر ڪيو ويو ،ياد رهي ته هن چونڪي جي وڌ ۾ وڌ خدمت خالق ڏنو فقير جي آهي، جنهن اٽڪل 80 سال خدمت ڪئي،نورمحمد فقير کان پوءِ ان جي ڀاءُ محمد رحيم فقير کي مقرر ڪيو ويو،ان سان گڏ فقير عبدالحي جوڻيجو کي مُک مقرر ڪيوويو اهوحضرت سورهيه سائين وڌيڪ هڪ مک مقرر ڪيائون جيڪو ٻه سال رهيو، ڏهن سالن واري انقلاب دوران حضرت پيرسائين سيد شاهه مردان شاهه “ڇٽ ڌڻي” جي سجادهه نشيني کان اڳ ۾ گذاري ويو. ۽ خالق ڏنو فقير زندهه هيو ته پنهنجي استاد محمد رحيم فقير جي پٽ دوست محمد فقير هنڱورو کي چوٿون مُک مقرر ڪرايائين ، ان جي وفات کان پوءِ سندس پٽ محمد رحيم هنڱورو کي چونڪي جو پنجون مُک مقرر ڪيو ويو،جيڪو هن وقت به خدمت ڪري رهيو آهي.

دعائن جو طلبگار
یوٹیوب چینل سبسکرائب کریں
https://youtube.com/?si=i6WzjYhsbRJlMdJg

واٹس ایپ چینل سبسکرائب کریں
https://whatsapp.com/channel/0029Va8lx9T9WtBzDRLsPx3p

ٹیلگرام چینل سبسکرائب کریں
https://t.me/faizanerozaydhani

طالب دعا
#صوفيات #تصوف #صوفی

Address

Pir Jo Goth
66030

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when حرجماعت - چونڪي پار posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share