Marfat e Imam

Marfat e Imam السلام عليک يايوسف زهراء
Official Page Of Marfat e Imam✔

20/05/2026

ظھور سے پہلے

خدايا ان ڏينهن رحم فرمائجاء جڏھن مان اڪيلو شرمسار پنهنجي گناهن جو بار کڻي تنهنجي بارگاه ۾ حاضر  ٿيندس ۽ تمام مخلوق مونکا...
19/05/2026

خدايا ان ڏينهن رحم فرمائجاء جڏھن مان اڪيلو شرمسار پنهنجي گناهن جو بار کڻي تنهنجي بارگاه ۾ حاضر ٿيندس ۽ تمام مخلوق مونکان بيزار هوندي ها ها منهنجا ماءُ ۽ پيءُ ۽ اهي به جن لاء مان تمام عمر محنت ۽ زحمت ڪئي خدايا تون رحم نه ڪندين ته ٻيو ڪير رحم ڪندو

ڀلي لڳي نٿي دنيا مولا اوهان کان سواء هت دل نٿي لڳي مولا اوهان کان سواء بهارون به بهارون نٿون لڳن اوهان کان سواء 🌿🌸🌸🌿‏*ال...
19/05/2026

ڀلي لڳي نٿي دنيا مولا اوهان کان سواء

هت دل نٿي لڳي مولا اوهان کان سواء
بهارون به بهارون نٿون لڳن اوهان کان سواء
🌿🌸🌸🌿
‏*السَّلام عَلَیکَ یامَولانایاصاحِبَ الزَّمان*
🌿🌸🌸🌿
*اَلسَّلامُ عَلَیکَ یاخَلیفَة الرَّحمــــــنِ*
🌿🌸🌸🌿
اَلسَّلامُ عَلَیک یا شَریک القُـــرانِ
🌿🌸🌸🌿
*السَّـــــلام عَلَیکَ یا بقیتہ اللّٰہ
🌿🌸🌸🌿
اللّهــــــمَّ‌عَجِّـــلْ‌ لِوَلِیِّڪَ‌الفَــــــرَج
🌿🌸🌸🌿

ماه ذوالحج جا اهم ڏينهن
19/05/2026

ماه ذوالحج جا اهم ڏينهن

يوم عقد حضرت امام علي عليه السلام
18/05/2026

يوم عقد حضرت امام علي عليه السلام

17/05/2026

*29 ذی القعدہ شہادت امام تقی جواد علیہ السلام*

آسمان امامت و ولایت کے نویں درخشاں ستارے فرزند رسول اکرم ص حضرت امام محمد تقی علیہ السلام کی شہادت کے موقع پر حجت دوراں حضرت امام زمانہ عجل اللہ تعالیٰ فرجہ الشریف، مقام معظم رہبری امام سید مجتبیٰ خامنہ ائ اور تمام محبان محمد و آل محمد علیہم السلام کی خدمت اقدس میں تعزیت و تسلیت پیش کرتے ہیں۔

15/05/2026

اهو انعام ڪافي آه

دانش، نبي بخش شر

خدا جو سنهن اسان جي لئي وِلا جو جام ڪافي آه
منافق کي جلائڻ لئي عليء جو نام ڪافي آه
قبر ۾ ڪو نه ڀؤ ٿيندو، نه ئي سختي پڇاڻي جي
لحد اندر علي ايندو، اهو انعام ڪافي آه
اسان کان پوء امت جو علي رهبر پڪو ڄاڻو
ولايت جو نبيء طرفئون اهو اعلام ڪافي آه
وٺئون نالو عليء جو ٿامنافق ٿو ٿئي ڳاڙهو
سندس لئي ايئن سڙڻ، پڄرڻ سندو سرسام ڪافي آه
علي مولا جي دشمن جا ڀلي تون ويس پهري گهم
اسان لئي حب حيدر جو ڇڙو احرام ڪافي آه
رهن شل خوش سدا مؤمن ڏسن شل غم نه دنيا ۾
انهن لئي سيدِ شهدا سندو ماتام ڪافي آه
چون دانش منافق ٿا: عليء بن پار پوندا سي
منافق لئي اهو ئي بس خيالِ خام ڪافي آه
علامه نبي بخش دانش

محرم الحرام سے پہلے غدیر کو آنا ہے
14/05/2026

محرم الحرام سے پہلے غدیر کو آنا ہے

امام مهد عج جي ظهور لاء فقط دعائون نه پر عملي جدوجهد جي ضرورت آ حضرت امام مهديؑ جي ظهورِ مقدس بابت اسلامي تعليمات اهو ٻڌ...
12/05/2026

امام مهد عج جي ظهور لاء فقط دعائون نه پر عملي جدوجهد جي ضرورت آ
حضرت امام مهديؑ جي ظهورِ مقدس بابت اسلامي تعليمات اهو ٻڌائن ٿيون ته صرف دعائون، وظيفا ۽ زباني خواهشون ڪافي ناهن، بلڪه ان سان گڏ عملي زمين سازي به ضروري آهي۔
دعائون ۽ عبادتون انسان جي روح، نيت ۽ الله سان تعلق کي مضبوط ڪن ٿيون، پر ظهور جي تياري لاءِ سماج ۾ عملي تبديلي آڻڻ به اهم ذميواري آهي۔
روايتن مطابق “بهترين انتظار” اهو آهي جيڪو انسان کي عمل، اصلاح ۽ حق جي مدد ڏانهن وٺي وڃي۔
يعني حقيقي منتظر اهو ناهي جيڪو فقط انتظار جو دعويٰ ڪري، پر اهو آهي جيڪو:
پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار کي بهتر بڻائي
ظلم، فساد ۽ ناانصافي خلاف آواز اٿاري
علم، شعور ۽ دين جي صحيح تعليم کي عام ڪري
اتحاد، اخوت ۽ انسانيت جي خدمت کي فروغ ڏئي
نوجوان نسل جي تربيت ڪري
حق ۽ عدل واري معاشري جي تعمير ۾ پنهنجو حصو وجهي
دعائن جي اهميت پنهنجي جاءِ تي تمام وڏي آهي۔
دعاءِ فرج، زيارت آل ياسين، صدقا ۽ عبادتون انسان کي امامؑ سان معنوي طور ڳنڍين ٿيون، پر جيڪڏهن عمل نه هجي ته انتظار صرف رسم بڻجي وڃي ٿو۔
امام جعفر صادقؑ کان منقول آهي ته: “جيڪو چاهي ٿو ته قائمؑ جي اصحابن مان هجي، ان کي گهرجي ته انتظار جي حالت ۾ تقويٰ ۽ بهترين اخلاق اختيار ڪري.”
تنهنڪري نتيجو اهو نڪري ٿو ته:
دعائون روحاني تياري
عملي جدوجهد زمين سازي
۽ جڏهن اهي ٻئي گڏ ٿين ٿا، تڏهن ئي حقيقي “انتظارِ امام مهديؑ” مڪمل ٿئي ٿو۔

Address

Sobhodero
Khairpur
66110

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Marfat e Imam posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Place Of Worship

Send a message to Marfat e Imam:

Share