17/10/2023
سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي
سهيڙيندڙ : سيد شبير احمد شاھ
سنڌ جو مشهور مرثيہ گو شاعر سيد ثابت علي شاھ پٽ سيد مدار علي شاھ سن 1153 هجري بمطابق 1740ع ۾ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. سيد ثابت علي شاھ جو وڏو ڏاڏو سيد نور محمد شاھ ، مغل نواب اعظم سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ ٺٽي ۾ اچي رهيو. سن 1128 هجري بمطابق 1715ع ۾ نواب اعظم جي معزول ٿيڻ کان پوءِ شاھ صاحب ٺٽي مان لڏي سيوهڻ ۾ سڪونت پذير ٿيو.
سيد نور محمد شاھ جي فرزند سيد مدار علي شاھ کي ٽي فرزند هئا. سيد ثابت علي شاھ، سيد احسان علي شاھ ۽ سيد فضل علي شاھ .
هي سادات حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جي اولاد مان سڏيا وڃن ٿا.
سيد ثابت علي شاھ جو پهريون استاد آخوند عبدالرحمان هو، جنهن جي حرمين شريفين وڃڻ کان پوءِ ثابت علي شاھ مُلي چاڪر کان قرآن پاڪ جي تعليم ۽ آخوند الياس کان فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. شاھ صاحب فقہ، تفسير ۽ علم عروض کان واقف هو. شاعريءَ ۾ سندس پهريون استاد مخدوم نورالحق مشتاقي هو ۽ آخر ۾ ميان سرفراز خان عباسيءَ سان هم مڪتب ٿي غلام علي مداح جو شاگرد ٿيو. فقہ ۽ تفسير ۾ سندس هم مڪتب قاضي مير لطف ﷲ هو، جيڪو بعد ۾ مشهور عالم ٿيو. شاھ صاحب، ميان سرفراز خان جو هم مڪتب هو. جڏهن پاڻ سنڌ جو حاڪم ٿيو، تڏهن ثابت علي شاھ ان جي درٻار سان وابستہ رهيو. سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي ۽ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي تہ شاھ صاحب ٽالپرن جي درٻار سان وابستہ ٿيو. سيد ثابت علي شاھ ، مير فتح علي خان سن 1209هجري بمطابق 1794ع جي دور ۾ ڪربلا معليٰ جي زيارت ڪئي ۽ سن 1219هجري بمطابق 1804ع ۾ مير غلام علي خان جي دور ۾ مشهد مقدس (ايران) جي زيارت کان مشرف ٿيو. مير غلام علي خان، سيد ثابت علي شاھ کي سنڌ جي سفير جي حيثيت ۾ شاھ ايران لاءِ هڪ قرآن مجيد ۽ سنڌ جي ثقافت سان لاڳاپيل ڪجهه ٻيو سامان تحفي طور ڏياري موڪليو، شاھ ِايران، فتح علي شاھ قاچار حضرت علي عليه السلام جا قدم مبارڪ (جيڪي اڄ بہ حيدرآباد ۾ هر خاص و عام جي زيارت لاءِ موجود آهن)، حضرت امام رضا عليه السلام جو لکيل قرآن مجيد ۽ ٻيو سامان تحفي طور سنڌ جي حاڪم لاءِ موڪليو.
مشهد ميوزم ۾ سنڌ جي ٽن بادشاهن مير فتح علي خان ٽالپر، مير نور محمد خان ٽالپر ۽ مير محمد نصير خان ٽالپر طرفان ٽي قرآن مجيد بہ موڪليا ويا هئا. جيڪي ٻين نسخن سان گڏ اڄ بہ اتي رکيل آهن. ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي ابتدائي دور ۾ خاص طرح سنڌي شاعريءَ ۾ تبديلي آئي ۽ عروضي شاعريءَ جو چالامان وڌيو، ان ڏس ۾ سيد ثابت علي شاھ سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ باقاعدي مرثيي نگاريءَ جو بنياد وڌو. مرثيا گوئي ۾ سندس پهريون شاگرد مرزا مراد علي بيگ هو. جنهن موزون شاعريءَ ۾ سنڌي مرثيا، سلام ۽ قصيدا چيا. سيد ثابت علي شاھ جو سمورو ڪلام فصاحت ۽ بلاغت جي خوبين سان لبريز آهي ۽ هن ادبي نقطئہ نگاھ کان مرثين ۾ نيون جدتون ۽ نوان اسلوب پيدا ڪيا. در حقيقت سنڌيءَ ۾ رزميہ شاعريءَ جي ابتدا ثابت علي شاھ کان ٿي. عربي ۽ فارسيءَ جي آميزش سان گڏ محاورا، تشبيهون ۽ خيال بہ پهرين هن سنڌي مرثيي ۾ روانيءَ سان ادا ڪيا ۽ سنڌي شاعريءَ جو رخ بدلائي ڇڏيو. سيد ثابت علي شاھ جو ڪليات مرثين، مسدسن، مخمسن، قصيدن، سلامن، مثنوين، مناجاتن، نعتن ۽ منقبتن سان مالامال آهي. سندس سمورو ڪلام سنڌي، اردو ۽ فارسي زبانن ۾ آهي.
سنڌ ۾ سڀ کان پهرين سيد ثابت علي شاھ جو سمورو ڪلام سندس مڪمل سوانح حيات سان گڏ سنڌ جي محقق ۽ اديب مرزا عباس علي بيگ مرتب ڪيو، جيڪو 1984ع ۾ اسلامڪ اسٽڊي سينٽر ڪراچيءَ طرفان شايع ٿيو. پروفيسر احمد شميم خان ”مطالعہ سنڌ ۾ اردو شاعري“ ۾ ڄاڻايو آهي تہ سيد ثابت علي شاھ، مير انيس ۽ ميرزا دبير جا مرثيا پڙهندو هو ۽ مرثيا پڙهندي کيس شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو ۽ مرثيا چوڻ لڳو. هن مير انيس ۽ ميرزا دبير جي مرثين جا ترجما ڪيا، جيڪا اها تاريخي حوالي سان غلط ڳالھ آهي.
ثابت علي شاھ جي ولادت سن 1153 هجري بمطابق 1740ع ۾ ۽ وفات سن 1225 هجري بمطابق 1810ع ۾ ٿي، جڏهن تہ مير انيس جي ولادت 1220هجري بمطابق 1805ع ۽ وفات 1291 هجري بمطابق 1874ع ۾ ٿي هئي ۽ مرزا دبير جي ولادت 1218 هجري بمطابق 1803ع ۾ ۽ وفات 1292 هجري بمطابق 1875ع ۾ ٿي. ان مان پتو پوي ٿو تہ مير انيس ثابت علي شاھ جي وفات وقت 5 سالن جو هو ۽ مرزا دبير اڃا ستن سالن جو مس هو ۽ اها ڳالھ واضح ٿئي ٿي تہ سنڌ جي شاعر ثابت علي شاھ اردو مرثيي جي وڏن شاعرن کان اڳ مرثيا لکيا هئا. شاھ صاحب مرثين ۾ پنهنجو تخلص ”ثابت“ ۽ ”زوار“ ڪم آندو آهي. سيد ثابت علي شاھ 27 جمادي الثاني سن 1225 هجري بمطابق 1810ع ۾ وفات ڪئي، کيس سيوهڻ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس عاليشان مزار اڄ بہ موجود آهي.
سيد ثابت علي شاھ جو ڪلام 2008ع ۾”رڻ گجيو راڙو ٿيو“ عنوان سان ڇپيو آهي، جيڪو مرزا نجم الحسن جو ترتيب ڏنل آهي.
نوٽ: ڪا ڪمي پيشي هجي تہ رهنمائي ضرور ڪجو ۽ اگر سندن يا سندن ڪنهن عزيز جو ڪو رابطي جو نمبر هجي تہ اسان سان شيئر ضرور ڪجو.
03007091713
مھرباني