دارالعلوم انوار الاسلام قاسميه دادو

  • Home
  • Pakistan
  • Dadu
  • دارالعلوم انوار الاسلام قاسميه دادو

دارالعلوم انوار الاسلام قاسميه دادو Islamic Education

24/06/2026
04/03/2026

سخي نالي مٺا سائين نالا
تيڏا شان ڪيتا رب اعليٰ

مختصر تعارف
حافظ الحق والملت والدين ماھتاب قادريت و نقشبنديت مرشد حقاني غوث زمان عاشق حبيب ڪبريا صلي الله عليه وآله وسلم محب الفقراء حضرت سخي ابن سخي سائين نالي مٺا سائين بادشاھ قدس سره الاقدس
سندن اسم مبارڪ محمد المعروف سائين نالي مٺا سائين ۽ سخي سائين آھن
سندن والد گرامي امام اھلسنت شيخ الاسلام والمسلمين تاج العارفين قيوم زمان قطب الاقطاب سائين بادشاھ ڪريم مشوري شريف وارا سائين قدس سرہ الاقدس آھن . برادر اڪبر مرشد مربي غوث زمان حضرت قبلا ميان سائين بادشاھ قدس سره الاقدس آھن .

ولادت : ولادت با سعادت 1936 ۾ علم و عشق جي مرڪز درگاھ عاليه حضرت مشوري شريف ۾ ٿي .

ولادت جون بشارتون :
ولادت با سعادت کان اڳ ڪيترن ئي بزرگن بشارتون ۽ مبارڪون ڏنيون تن ۾ درگاھ خانڳڙھ شريف جي بزرگ سائين احمد سائين سرفھرست آھي .

ابتدائي تعليم و تربيت :
ابتدائي تعليم و تربيت پنھنجي ھادي رھبر ڪامل مرشد استاد ۽ والد گرامي جي زير سايه پايه تڪميل تي پھتي

قرآن مجيد حفظ ڪرڻ :
سائين بادشاھن ڪريمن پنھنجي لخت جگر نور نظر حضرت قبلا سخي سائين بادشاھ کي قرآن شريف ياد ڪرڻ لاء حضرت استاذ الحفاظ مخدوم سائين امام بخش سومرو رح جي مدرسه ڳوٺ گل محمد تنيه ۾ داخل فرمايو پاڻ نھايت هوشيار زھين سلڇلڻا ھيا انڪري تمام ٿوري عرصي ۾ مڪمل قرآن پاڪ حفظ ڪيائون . ان وقت سنڌ ۾ حافظ سائين وڏي جو مدرسه حفظ لاء مشھور ھيو . ھڪ اندازه موجب پاڻ 999 حافظ تيار ڪيائون

استاد جو مقام و مرتبو :
حافظ سائين وڏا رح نه صرف حافظ ھيا بلڪه الله جا ڪامل ولي ، عارف ۽ عامل ھيا محبوب مرشد ڪريم سائين بادشاھن ڪريمن جي فياض استاد خواجه ابوالفيص سوني جتوئي شريف رح وارن سندن تعلق سائين بادشاھن ڪريمن سان ڪرايو . سائين حافظ وڏا رح صاحب ڪشف و ڪرامت ھيا . سندن جي شفقت جي ڪري فائق ۽ فائز ٿيا . حافظ سائين وڏا رح استاذ الڪل خواجه غلام صديق شھدادڪوٽي رح جا شاگرد ھيا .

درگاھ شريف تي نماز تراويح پڙھائڻ :
حفظ مڪمل ڪرڻ کانپوء محبوب مرشد ڪريم سائين بادشاھن ڪريمن کين رمضان شريف ۾ نماز تراويح پڙھائڻ لاء مقرر فرمايو سبحان الله ڇا ته سندن پڙھڻ جو انداز ھيو گرجندڙ سھڻو مٺو آواز دلين موھي وجھندو ھيو ، مٺي مرشد ڪريم سائين بادشاھ ڪريم پاڻ بشمول جماعت ، جماعت ۾ ڪامل فقراء عارف ولي ، علماء ، حفاظ و صالحين ۽ درگاھ شريف تي ايندڙ بزرگ علماء عوام الناس سڀئي سندن پويان قرآن شريف سماعت ڪندا ھيا.

درس نظامي پڙھڻ :
قرآن شريف حفظ ڪرڻ کانپوء سائين بادشاھن ڪريمن کين ديني علم درس نظامي پڙھايو . سڀ ڪتاب علوم و فنون پڙھي ماھر ٿيا . خدا تعاليٰ کين ظاھري و باطني علوم عطا فرمايا.

شعبه حفظ سنڀالڻ : علوم جي تحصيل و تڪميل کانپوء شعبہ حفظ کي سنڀاليائون جتي تمام وڏو تعداد قرآن پاڪ حفظ ڪرڻ جي دولت کان مشرف ٿيا سندن مشھور شاگردن ۾ نمايان نالا ھي آھن

1 استاذ الحفاظ جماعت قاسميه جي ڇپر ڇانوَ حضرت قبلا سائين مسڪين سائين بادشاھ
2 حافظ احمد ابڙو رح
3 حافظ احمد علي مغيري
4 حافظ شرف دين
5 حافظ نور احمد
6 حافظ علي اڪبر چانديو وغيره

سيرت و ڪردار
سخي سائين نالي مٺا سائين قدس سره سيرت و ڪردار ۾ پنھنجي مٺي مرشد ڪريم سائين بادشاھن ڪريمن جي تصوير ھيا . سندن اوصاف حميدہ ۾ سيرت و ڪردار ۾ عجز و انڪساري ، اخلاص و شفقت ، محبت و مودت ، جود و سخا و عطا ، رحمدلي غريب نوازي عشق رسول صلي الله عليه وآلہ وسلم ، ادب سادات ڪرام ۽ سائين جي جماعت جي خدمت ، عزت و تعظيم ڪرڻ نمايان ھيو .

تو ۾ ڪروڙين خوبيون ڇا لکي مان ڇا لکان
سوچيان ٿو سائين بس طرز ادا ڪھڙي لکان

محوب مرشد ڪريم سائين بادشاھن ڪريمن سان نسبت ڪامل
اگر چہ پاڻ محبوب مرشد ڪريم سائين بادشاھن ڪريمن کي تمام پيارا ۽ دادلا ھيا ليڪن ان باوجود سائين ڪريمن سان تمام گھڻي بي حد محبت ، ادب رکندا ھيا تنھنجو مثال ملڻ مشڪل آھي . سندن کان منقول آھي ته اسان سائين بادشاھن ڪريمن کي ڪڏھن بابا نه سمجھو آھي بلڪه پنھنجو ھادي رھبر مرشد مربي ڀانيو آھي

ھڪ دفعي ڪنھن شخص سندن حضور ۾ عرض رکيو ته قبلا دعا فرمايو اوھان سائين بادشاھن ڪريمن جا پيارا صاحبزاده آھيو پاڻ ان جملي تي ان شخص کي مخاطب ٿيندي فرمايائون ته مان سندن غلام آھيان .

جڏھن به سھڻي سائين بادشاھن ڪريمن جو تذڪرہ ٿيندو ھيو تہ سندن اکيون مبارڪ سانوڻ مينھن جيان برسي پونديون ھيون .

مفتي علي بخش قاسمي رحه کان منقول آھي ته ھڪ فقير جيڪو اسانجو حال ڀائي ھيو صحبت جو ساٿي ھيو انجا ذڪر اذڪار ۽ لطيفہ بند ٿي ويا ۽ کلن نه پيا آخرڪار معلوم ٿيو ته ڪنھن ڳالھ تان سخي نالي مٺا سائين قدس سره مٿن ناراض آھن جڏھن سائين سخي سائين مٿس راضي ٿيا ته باطني مھرباني اتان ئي شروع ٿي وئي .جٿان بند ٿي ھئي

اھڙي طرح ٻئي ھنڌ (مفتي علي بخش قاسمي رح) پنھنجي قلمي بياض قاسمي ۾ ھڪ ھنڌ ھڪ ڳالھ لکي جنھن جو خلاصو ھي آھي ته جماعت ۽ طالبن جي ڪردار سازي ۽ اخلاق سازي ۾ سائين نالي مٺا سائين قدس سرہ جي محنت شامل حال رھي .

سنڌ جو ڀلوڙ شاعر ڌڻي بخش فقير مداحي پيرترھو مرشد ڪريم سائين بادشاھن ڪريمن جو مداح ء شاعر ھيو ان سائين ڪريمن جي ظاھري وصال مبارڪ تي ھڪ درد ڀري دانھن ڪئي

ڇا کان رھبر رکڙو مٽائي ويئن ،
ٿي پئي دلرڙي چري، اچ ھيڏي وري

اھو اشعار سائين سخي سائين نالي مٺا سائين جي اڳيان پڙھائين ته پاڻ ھٿ سان نہ پڙھڻ اشارو فرمائي ارشاد فرمايائون ته
سائين بادشاھ ڪريم سدائين حيات آھن ، موجود آھن زندھ آھن ويٺا آھن .

تنھنن کانپوء ڌڻي بخش فقير وري سائين بادشاھن جي شان ۾ اھڙي ته منقبت ٺاھي جيڪا سائين ڪريم کي پسند آئي جيڪا پاڻ اڪثر پڙھندا ھيا ، منقبت جا اشعار ھي آھن .

منھنجو مٺڙو مشورين وارو سائين آھي ويٺو سڄڻ متان ڀول ھجئي
آھن ٻئي جڳ منھنجي جانب جا ويو آھي بھشت گھمڻ متان ڀول ھجئي

بيشڪ لکين ماڻھن جي دلين ۾ الله پاڪ جي معرفت نبي پاڪ سھڻي آقا ڪريم رؤف رحيم صلي الله عليه وآله وسلم جي محبت ۽ مرشدن ڪريمن جي نسبت پيدا ڪيائون .

درگاھ شريف جي تعمير و توسيع ۾ اھم ڪردار ادا ڪيائون .

وصال مبارڪ
سخي سائين بادشاھ 8 رمضان بمطابق نومبر 2004 بروز جمعہ مالڪي حقيقي سان مليا ، سندن آخري نماز ۾ ھزارن جي تعداد م عاشقان رسول صلي الله عليه وآله وسلم مشائخ ، قراء ، علماء ۽ حفاظ حاضر ٿيا . پاڻ سائين بادشاھن ڪريمن جي پھلو مبارڪ ۾ آرامي ٿيا

ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو
تن جي عبداللطيف چئي مٽي لڌو مان
ڪوڙين ڪن سلام اچي آسڻ انھن جي

انجنيئر محمد يحيٰ چانديو قاسمي

14/02/2026

حضرت مفتي علي بخش قاسمي رحمة الله عليه 1944ع ۾ ڳوٺ پير ترهو، تعلقي دادو ۾ حاجي اميد علي بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندن قنيت ابو المختار، تخلص ’بخشڻ‘ ۽ نسبت قاسمي هئي. روحاني طور سلسلا عاليه قادريه ۽ نقشبنديه راشديه سان وابسته هئا.

ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائون. ننڍپڻ کان ئي صوم و صلوٰة جا پابند هئا ۽ دين سان گهرو لڳاءُ رکندا هئا. 19 سالن جي عمر ۾ جامعہ عربیہ قاسم العلوم درگاه مشوري شريف ۾ داخلا ورتائون، جتي حضرت تاج العارفين مفتي اعظم سنڌ حضرت محمد قاسم مشوري رح جا شاگرد رهيا. 25 ڊسمبر 1969ع تي دستار فضيلت حاصل ڪري باقاعده ديني خدمتن جو آغاز ڪيائون. سندن بيعت سلسلا عاليه قادريه نقشبنديه راشديه ۾ هئي. بحر العلوم حضرت مفتي محمد قاسم مشوري قدس کان ارشاد و تلقين جي اجازت ملي. روحاني سلوڪ ۽ عرفان ۾ ڪامل هئا. ڪيترائي نوجوان سندن صحبت سان نيڪيءَ جي راهه تي آيا ۽ دين سان جڙيا.

ابتدائي طور مدرسه قاسم العلوم درگاه مشوري شريف ۾ تدريس ڪئي. پوءِ پنهنجي ڳوٺ پير ترهو ۾ دارالعلوم قائم ڪيائون. نوابشاه جي مدرسه سردارالعلوم ٻانڌي ۾ پڻ مدرس رهيا. آخرڪار دادو جي وڏي مسجد نوراني جا خطيب ۽ امام مقرر ٿيا. پاڻ مدرسه انوارالاسلام قاسميه دادو قائم ڪيائون، جيڪو وقت سان گڏ هڪ وڏو ديني ادارو بڻيو. تعليم سان گڏ خدمت خلق جو سلسلو به جاري رکندا رهيا. سندن شاگرد سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ديني خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

حضرت مفتي علي بخش قاسمي رح غريبن ۽ مسڪينن جا مددگار، مهمان نواز ۽ سخي هئا. سادات ڪرام سان بي پناه محبت رکندا هئا. عشق رسول ﷺ ۾ سندن اکين مان ڳوڙها وهي پوندا هئا ۽ اهل بيت جي اولاد سان خاص ادب ۽ عقيدت رکندا هئا. سندن علمي ڪم ۾ فتاويٰ قاسمي (اڻ ڇپيل)، بياض قاسمي، مجموعه ڪلام (شاعري) ۽ وظائف قاسميه شامل آهن.

20 مارچ 1996ع تي 52 سالن جي عمر ۾ وصال ڪيائون. نماز جنازه دادو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين عاشقان رسول ﷺ شريڪ ٿيا. سندن مزار ڳوٺ پير ترهو دادو ۾ والده ماجده جي پاسي ۾ موجود آهي.

نوٽ: معلومات محقق علامه زين العابدين راشدي جي ڪتاب انوار علماء اھلسنت تان ورتل آھي

تحرير: انجینئر محمد یحیٰ قاسمی

#دادو ِم #روحانيت

Address

Dadu

Telephone

+923057206160

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when دارالعلوم انوار الاسلام قاسميه دادو posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share