Wadi E Zehra SA Shrine of Imam Hussain As

Wadi E Zehra SA Shrine of Imam Hussain As Wadi E Zehra SA is Situated in Ranipur City Having A Grand Mosque And Shrine of Imam Hussain As and Shrine of Bab ul Hawaij Mola Abbass As

05/08/2026

یا ابا عبداللہ مولا حسین اسان کي توفیق ڏي جئین اسان انھن جي عزادارن جي خدمت تا عمر تا قیامت نسل در نسل انھن جي خدمت ڪري سگھئو راڻیپور ۽ ٻین شھرن جي مؤمنن انتظامیہ پوري ڪوشش ڪئي عزادارن کي تڪلیف نہ اچي پر پوء بہ اگر ڪنھن مؤمن جي دل آزاري ٿئي آھي اسان انھن کان معذرت خواہ آھیون اوھان اسان کي پنھنجي مشورہ سان آگاھ ڪیو جیئن اڳلي سال اڃان بھترین انتظام ڪري سگھجن تمام موڪب لڳائیندڙن قافلي جي سالارن تنظیم جو ٿورائتا آھیون

یَا اَبَا عَبدِاللّہ! إِنِّی سِلْمٌ لِمَنْ سَالَمَكُمْ وَ حَرْبٌ لِمَنْ حَارَبَكُمْ إِلَى یَوْمِ الْقِیَامَةِ۔
یا ابا عبداللہ میں اس سے صلح کروں گا جس سے آپ صلح کریں گے اور اس سے جنگ کروں گا جس سے آپکی جنگ ہے تا قیامت۔

🙏🏻

خدام وادئ زھرا زوار غلام حسین ملاح

🌹 شڪريي ۽ دعائن جو اظهار 🌹 بنده حقير خادم ملت تشيع ، خادم شبیھه بین الحرمین شریفین وادي الزھره حاجي زوار غلام حسين ملاح ...
05/08/2026

🌹 شڪريي ۽ دعائن جو اظهار 🌹 بنده حقير خادم ملت تشيع ، خادم شبیھه بین الحرمین شریفین وادي الزھره حاجي زوار غلام حسين ملاح وادي الزهره راڻيپور ۾ اربعينِ سيد الشهداء حضرت امام حسين عليه السلام جي موقعي تي زائرين ۽ عزادارن جي خدمت لاءِ راڻيپور سميت قافلو سيد ريجھه علي شاهه گمبٽ مان مولانا ذوالفقار مفڪري ، سيد ذوالفقار شاھ بخاري کھڙا کان سيد حيدر امام ڪاظمي ، سيد باقر علي شاھ جي اڳواڻي ۾ وڏا وڏا قافله ، فيض گنج، ٺري ميرواهه، خيرپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي مان ۽ سموري سنڌ مان وادي الزھره جي سرزمين تي پهتل مومنن جي قافلن، جن سبيلون، نياز ۽ خدمت جا موڪب قائم ڪري زائرينِ امام حسين عليه السلام جي نهايت محبت، اخلاص ۽ عقيدت سان ميزباني ڪئي، تن سڀني جا دل جي گهراين سان ٿورائتا ۽ شڪرگذار آهيون.

ساڳئي طرح راڻيپور ٽائون انتظاميه، گمبٽ ميونسپل انتظاميه، پيامِ ولايت اسڪائوٽ ، پيام ولايت ليڊيز اسڪائوٽ خيرپور ليڊيز اسڪائوٽ ، مختار فورس، ابراهيم اسڪائوٽ ، ٻٻرلو اسڪائوٽ، چونڊڪو اسڪائوٽ، راڻيپور جون انجمنون، شيعه تنظيمون اسان جي سني ڀائر ، امام بارگاهن جا متولي، اصغريه يونٽ راڻي پور ، MWM، SUC، جاگيرِ بيبي سڪينه عليها السلام جا منتظمين، سنڌ پوليس، رينجرس ، واپڊا ، ريسڪيو ايمبولنس، گمس اسپتال، راڻيپور سول اسپتال، PPHI، صحافي برادري ۽ راڻيپور، درازا ۽ گمبٽ جي غيور عزادارن جا به دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيون، جن هر مرحلي تي ڀرپور تعاون، خدمت ۽ انتظامي سهڪار فراهم ڪيو.

اوهان سڀني پنهنجي وس ۽ وسيلن آهر حضرت امام حسين عليه السلام جي زائرين جي جيڪا بي لوث، مخلصانه ۽ عاشقاڻي خدمت سرانجام ڏني آهي، اها بيشڪ بارگاهِ امام حسين عليه السلام ۾ قبول ٿيندي، ۽ ان خدمت جو عظيم اجر مولا امام حسين عليه السلام پاڻ اوهان کي عطا فرمائيندو.

اسان بارگاهِ الٰهي ۾ دعاگو آهيون ته مولا امام حسين عليه السلام، حضرت عباس علمدار عليه السلام ۽ حضرت بيبي زينب سلام الله عليها جي صدقي، اوهان سڀني کي دنيا ۽ آخرت جون بي شمار برڪتون، بهترين اجر، صحت، سلامتي، عزت، ڪاميابي ۽ پنهنجي اهلبيت عليهم السلام جي خدمت ۾ هميشه قائم و دائم رهڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين

01/08/2026

Address

Wadi E Zehra Gambat Ranipur Road Ranipur City Taluka Sobhodero District Khairpur Mirs
Ranipur

Telephone

+923363096815

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Wadi E Zehra SA Shrine of Imam Hussain As posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Place Of Worship

Send a message to Wadi E Zehra SA Shrine of Imam Hussain As:

Shortcuts

Share