12/03/2026
فطرانو: تفصيلات
ترتيب:
عبدالغفور جمالي
فاضل جامعه ابي بڪر الاسلاميه ڪراچي
حديث مبارڪ:
عَنِ ابْنِ عُمَرَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمَا، قَالَ: «فَرَضَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ زَڪَاةَ الفِطْرِ صَاعًا مِنْ تَمْرٍ، أَوْ صَاعًا مِنْ شَعِيرٍ عَلَى العَبْدِ وَالحُرِّ، وَالذَّڪَرِ وَالأُنْثَى، وَالصَّغِيرِ وَالڪَبِيرِ مِنَ المُسْلِمِينَ، وَأَمَرَ بِهَا أَنْ تُؤَدَّى قَبْلَ خُرُوجِ النَّاسِ إِلَى الصَّلاَةِ».
حوالو: صحيح بخاري، حديث نمبر (1503).
ترجمو: رسول الله ﷺ، هڪ "صاع" کجور يا جو، بطور فطرانو تمام مسلمانن جي هر آزاد، غلام، مرد، عورت، ٻارن ۽ وڏن تي فرض قرار ڏنو آهي.
1. صاع جي مقدار ڇا آهي؟
حديث ۾ صاع جو لفظ آهي جيڪو مديني ۾ ماپ جو پيمانو هوندو هو، جنهن ۾ ڪنهن صحتمند ماڻهوءَ جي 4 ٻُڪن جي برابر اناج پوندو هو، اڄڪلهه اهي 4 ٻُڪ تقريبن اڍائي کان ٽي ڪلو ٿين ٿا.
2. ڇا فطرانو ڏيڻ واجب آهي؟
جي ها، فطرانو ڏيڻ واجب آهي، بغير عذر جي نه ڏيڻ وارو گناهگار ٿيندو.
3. ڪهڙن ماڻهن تي فطرانو ڏيڻ واجب ناهي؟
اهڙو ماڻهو جنهن جي گهر ۾ ٻن وقتن جي کاڌ خوراڪ کان وڌيڪ ڪجهه نه هجي، ان تي فطرانو واجب ناهي. يا اهڙو مزدور جيڪو روز ڪمائي روز کائيندڙ هجي ۽ ڪم نه ملڻ جي صورت ۾ پريشان حال هجي.
4. فطرانو ڏيڻ جو وقت ڪهڙو آهي؟
سنت مطابق عيد جو چنڊ نظر اچڻ کان وٺي عيد جي نماز کان پهريان پهريان ادا ڪرڻ صحيح ۽ موافقِ سنت آهي، پر عيد کان ڪجهه ڏينهن پهريان به ادا ڪرڻ جي اجازت آهي ڇاڪاڻ ته صحابه ڪرام کان اهو ثابت آهي.
5. عيد جي نماز کان پوءِ فطرانو ڏئي سگهجي ٿو؟
عيد جي نماز کان پوءِ اهو صرف عام صدقو شمار ٿيندو، جيڪو قضا طور لازمي ڏيڻ گهرجي، باقي وقت تي ادا نه ڪرڻ جي ڪري اهو شخص گناهگار ٿيندو.
6. فطراني ۾ ڇا ڏيڻ گهرجي؟
حديث ۾ ٽوٽل پنج جنسون ذڪر ڪرڻ سان گڏ ٻي حديث مبارڪ ۾ "طعام" (کاڌ خوراڪ) جا لفظ به موجود آهن. ان ڪري علماءِ ڪرام جو متفقه فيصلو آهي ته هر شخص پنهنجي علائقي جي خوراڪ طور استعمال ٿيندڙ جنسون (جهڙوڪ اٽو، چانور، ڪڻڪ، کجور وغيره) بطور فطرانو ڏئي سگهي ٿو. اصل مقصد غريب طبقي کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪرڻ آهي.
7. فطراني جو مقصد ڇا آھي
جسماني زڪوات ۽ غريبن سان ھمدردي