Krishna & Narsingh Mandir Holi Graound Islamkot

Krishna & Narsingh Mandir Holi Graound Islamkot Hare Krishna Hare Krishna Krishna Krishna Hare Hare Hare Rama Hare Rama Rama Rama Hare Hare

18/05/2026

ھري ڪرشنا

👏👏هري ڪرشنا👏👏ڀڳوان دامودر کي ڏئيو ارپڻ ڪندي @ڪرشنا ۽ پرلاد مندر هولي گرائونڊ اسلامڪوٽ
18/10/2024

👏👏هري ڪرشنا👏👏
ڀڳوان دامودر کي ڏئيو ارپڻ ڪندي
@ڪرشنا ۽ پرلاد مندر هولي گرائونڊ اسلامڪوٽ

🙏🏻🙏🏻ھري ڪرشنا🙏🏻🙏🏻توهان سڀني پيارن کي جنم اشٽمي جون کوڙ ساريون  واڌايون توھان سڀئي ڪرشن ڀڳوان جو نام جپ ڪري ۽ پراٿنا ڪريو...
25/08/2024

🙏🏻🙏🏻ھري ڪرشنا🙏🏻🙏🏻
توهان سڀني پيارن کي جنم اشٽمي جون کوڙ ساريون واڌايون توھان سڀئي ڪرشن ڀڳوان جو نام جپ ڪري ۽ پراٿنا ڪريون پاڻ جي پياري ملڪ پاڪستان لاءِ ۽ پاڻ جي نياڻين لاء ته پياري ملڪ پاڪستان ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني جو وار ونگو نه ٿئي ڀڳوان سڀني کي پاڻ جي ٻچن سان خوش ۽ آباد رکي❤️🌹
پاران: ارون مُکي سلامڪوٽ

     اڄ ڀڳوان نرسنگھ جينتي مهينو ويساک تٿ چانڊوڪي آهي سڀني پريہ هري ڀڳتن کي ڀڳوان نرسنگھ اوتار جون هارڌيڪ شڀ شڀ ڪامنائون...
22/05/2024



اڄ ڀڳوان نرسنگھ جينتي مهينو ويساک تٿ چانڊوڪي آهي سڀني پريہ هري ڀڳتن کي ڀڳوان نرسنگھ اوتار جون هارڌيڪ شڀ شڀ ڪامنائون. شري هري وشڻو نارائڻ سڀني تي ڪرپا ڪري جيون ۾ خوشين ۽ ڌن جا ڀنڊار ڀري.

... 👇👇👇

پراڻي وقت ۾ ھرڻاڪشپ نالي ھڪ بادشاھ ھو،
جيڪو طاقت جي نشي ۾ اچي پاڻ کي ڀڳوان سڏائڻ لڳو. ھڪ دفعي ھن ڀڳوان برهما جي پوجا ۽ تپ ڪيو تہ ڀڳوان برهما پرسن ٿي ورڌان گهرڻ جو چيو.

هن اهڙو ورڌان گهريو جو مون کي اھڙي طاقت ملي جو آئون. نہ تير سان ، نہ تلوار سان ، نہ گھر جي اندر ، نہ گھر جي ٻاھر ، نہ زمين تي ، نہ آسمان تي ، نہ انسان کان ، نہ جانور کان ، نہ ڏينھن جو ، نہ رات جو ، مون کي ڪير ماري نہ سگھي. ھن کي ڀڳوان برهما اهڙو ورڌان ڏنو.

اتفاق اھڙو جڙيو جو سندس ئي گھر ۾ پھلاج نالي ھڪ ٻار پيدا ٿيو. جيڪو هري جو ڀڳت هو. جنهن سندس اھڙي ڪوڙي دعوي کي للڪاريو ۽ کيس ڀڳوان مڃڻ کان انڪار ڪرڻ لڳو.

پر پهلاج جي پيءَ ھرڻاڪشپ ڪيتريون ئي پهلاج کي مارڻ جون ڪوشيشون ڪيو. سمنڊ ۾ اچليو ، هاٿي هي هيٺ اڇليو ، نانگن جي کوھ ۾ اڇليو ، پهاڙ کان هيٺ اڇليو ، باھ ۾ ساڙيو پر ڀڳت پهلاج کي ڪجھ بہ نہ ٿيو.

ھرڻاڪشپ جيڪو پاڻ کي ڀڳوان سمجھندو ھو. جڏهن ھرڻاڪشپ چيو تہ ڪٿي آهي تون جو ڀڳوان. تڏهن پھلاج ڀڳت جواب ڏنو تہ پتا شري ” پـرماتما “ تہ ھر ھڪ ھند حاضر آهي.

تڏهن ھرڻاڪشپ ڪاوڙ ۾ پنهنجي گدا کڻي محل جي ھڪ وڏي ٿنڀي وٽ آيو. ۽ چيو ڇا هن ٿنبي ۾ تنهنجو ڀڳوان آهي ڀڳت پهلاج چيو جي هن ٿنبي ۾ بہ آهي.

هرڻاڪشپ پنهنجي گدا کڻي زور سان ٿنڀي ۾ ھنيائين تہ ٿنڀو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ۽ ان ٿنڀي مان مھا تيجسوي ” شري نرسنگھ ڀڳوان “ پرگھٽ ٿيو.

نرسنگھ ڀڳوان ” شري نارائڻ “ جو اوتار آھي. ۽ نرسنگھ جو مطلب آهي. نر معنيٰ ”مرد “ سنگھ معنيٰ ”شينهن“

نرسنگھ ڀڳوان جو اڌ شرير شينهن جو ۽ اڌ شرير انسان جو ھو. سج بہ اڌ ظاهر ۽ اڌ لھي چڪو ھو. يعني نہ ڏينهن نہ رات ۽ نرسنگھ ڀڳوان پنهنجي گوڌ تي رهي يعني نہ زمين نہ آسمان ۽ گهر جي دروازي تي يعني نہ گهر جي اندر نہ ٻاهر ۽ نرسنگھ ڀڳوان پنهنجن تکن ننھن سان يعني نہ تير نہ تلوار ھرڻاڪشپ جي ڇاتي چيري ان جو انت آندو.

ھرڻاڪشپ کي ڏنل برھما جا وردان بہ سچ ثابت ٿيا. اھڙي طرح ڀڳوان نرسنگھ روپ ڌاري برھما جي وچن جي پالنا ڪئي. اهڙي طرح ڀڳت پھلاج کي بہ پنهنجو درشن ڏنو ۽ ” ڌرم “ جي بہ رڪشا ڪئي.

ڀڳت پهلاج جو جنم پاڪستان جي صوبي پنجاب ملتان ۾ ٿيو. ڀڳوان نرسنگھ راجا هرڻاڪشپ جي محل جي وچ ۾ هڪ ٿنڀو ڦاٽو جنهن مان ڀڳوان شري نرسنگھ نڪتو ۽ راجا هرڻاڪشپ کي ماريو. ڀڳت پهلاج ڀڳوان نرسنگھ جو اتي هڪ وڏو مندر بہ ٺهرايو هو. چيو وڃي ٿو تہ اڄ بہ اتي مندر آهي ۽ اتي جو پهرين نالو مول اسٿان هو جيڪو هيئر ملتان سڏيو وڃي ٿو.

Hari Bol
21/05/2024

Hari Bol

24/04/2024

ڪٿا ڪيرتن @ هولي گرائونڊ اسلامڪوٽ
Update By Aroon Mukhi

24/03/2024

Happy Holi 🥳

20/03/2024
13/03/2024

Address

Holi Graound
Islamkot

Telephone

+923352413875

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Krishna & Narsingh Mandir Holi Graound Islamkot posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Place Of Worship

Send a message to Krishna & Narsingh Mandir Holi Graound Islamkot:

Share

Category