18/07/2026
قبلا محترم بابا سائين صفدر علي قريشي مدظلہ العاليه
سرپرست اعليٰ انجمن غلامان قلندر
گادي نشين درگاھ عاليه حضرت قبلا بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح
پاڻ مرشد بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جا وڏا فرزند ۽ پڳدار آهن ،سندن جا ٻيو نمبر ڀاء بابا سائين اصغر علي قريشي صاحب آهن ۽ سندن جا ٽيون نمبر ننڍا ڀاء بابا سائين اڪبر علي قريشي صاحب آهن.. ٻن ڀينرن سان گڏ سندن جي خوبصورت پرورش وقت جي مرد قلندر حضرت سخي بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جي آغوش ۾ ٿي، قبلا بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جا سڀئي ٻچڙا بچپن کان ڄمندي ڄام آهن ،ڪيترائي ئي عجيب و غريب واقعا مرشد سائين جن جا هي سڀئي ٻچڙا ٻڌائيندا رهندا آهن ۽ ٻڌائڻ جو انداز به انتهائي نرالو جنهن ۾ مسڪراهٽن جا گنج پيا ورهائبا آهن ،دعائن جو گهر آهن.. سخي جا ٻچا سخي ۽ فقيري طبيعت جا مالڪ آهن، اڪثر يتيمن مسڪينن غريبن جي وچ ۾ پاڻ کي خوش محسوس ڪندا آهن، هاڻي اچون ٿا قبلا بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب جن طرف ته پاڻ هڪ سالڪ مجذوب طبيعت جا مالڪ، انتهائي سخي طبيعت ايترا ته سخي مرد آهن جيڪو ڪجھ به هوندو آهي سڀ قربان ڪري هٿ ڇنڊيندي فرمائيندا آهن ته
ﷲ ڏيندو نبي سائين ﷺ جن جي صدقي ۾...
چوندا آهن ته اولاد پنهنجي والد جي عظيم خوابن جي تعبير هوندو آهي..
پاڻ اعليٰ تعليم يافته آهن.اسلام آباد جهڙي شهر ۾ بچپن کان جواني تائين مسلسل جدوجهد ڪندي زندگي گذاري. پاڻ ڪويت جي سفارتخاني ۾ پروٽوڪول آفيسر فائز رهيا، جٿي ٻين الاقوامي توڙي ملڪ جي مڙئي سياسي، سماجي، ليکڪن، اديبن، جهڙين شخصيتن سان گڏوگڏ پنهنجي والد گرامي ۽ مرشد حضرت سخي بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جي حضور حاضري ڀريندڙ مستن، ملنگن، مجذوبن ۽ لڪيل اوليائن جي صحبت ۽ تربيت ۾ رهيا. سندن سان ڪيئي روحاني قصا ۽ وارداتون ٿيون، جن جو تذڪرو مختصر قبلا بابا سائين صفدر علي قريشي مدظلہ العاليه ڪرڻ فرمائيندا آهن. پاڻ بچپن کان جواني تائين جي عمر شهزادن جي طرز تي به گذاري ته وري مشڪل حالاتن ۾ پنهنجي والد محترم و مرشد بابا سائين احمد علي قريشي رح جن جا ٻانهن ٻيلي ٿي به آخري وقت تائين خدمتگذار رهيا.
سندن جي عظمتن کي سلام آهي، جيڪي اهڙي عظيم عاشق رسول جن جو اولاد آهن، جن جي مٿان حضرت مولا علي عليه السلام ۽ حضرت محمد مصطفیٰ ﷺ جن جي هر وقت نظر ڪرم رهندي آهي. ان جي هنج ۾، ان جي ڀاڪرن ۾ پرورش ورتي. هي شهزادا ڪيترا نه قابل رشڪ آهن، جن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي والد ميان احمد علي قريشي درج آهي... قربان وڃان انهي عظمتن تان...
بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب انتها درجي جا صابرين جو سندن جو جهوپڙي کي ڪير اچي ڊاهي ته پاڻ اف به نه پيا ڪن، ته وري جلالي ايترا ته جڏهن سندن جي ڪيفيت جلال واري هجي ته مجال آهي ڪنهن کي جو سندن جي سامهون اچي...
محفلن جا مور هميشه سادي طبيعت، سادي لباس ۽ هڪ سنڌي ٽوپي سان نظر ايندا آهن، پر جنهن محفل ۾ پهچندا آهن ته خدا جو قسم محفل ۾ رنگ ڀريو ڇڏين. سندن جي هڪ سهڻي مرڪ سڀني کي موهي وجهندي آهي. هي الست طبيعت اگر پنهنجي جلال ۾ اچي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ماڻهو کي چون ته وڃ وڃي ٻي رپورٽ ڪراء... تنهنجي پهرين رپورٽ غلط آهي، ته اها رپورٽ ائين اچي... جنهن جا کوڙ سارا گواه اڄ به موجود آهن...
ڪڏهن پنهنجي تعريف ٻڌڻ ناهن چاهيندا آهن پر هن فقير جي مقابلي ۾ اهي ماڻهو آهن جيڪي شهرت ۽ دولت جي حوس ۾ مست آهن، پر پاڻ سائين پنهنجي محبوب جي مرڪ ۾ مست الست رهندا آهن. سندن جي اڳيان غائب مخلوق به سلامي ٿيندي آهي ، ڪيترائي اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن. خالي کيسي ۾ هٿ وجهي ڪڍن ته کڙڪندڙ نوٽ ٻاهر نڪريو اچي، پر وري پنهنجي ذات تي اچن ته مسڪيني حال ۾ گذارو ڪندي نظر ايندا آهن.
هنن شهزادن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هي شهزادا ان عظيم سيني تي سمهندا هيا، جيڪو سينو عشق قلندر، عشق علي ۽ عشق مصطفیٰ ﷺ جن سان ڀرپور نوراني انوارن جي آماجگاه هيو، (يعني حضرت قبلا بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جو سينو مبارڪ) .
واھ سھڻا بابا سائين صفدر علي قريشي، واھ سھڻا بابا سائين اصغر علي قريشي، واھ سھڻا بابا سائين اڪبر قريشي... اوهان جون قسمتون، بالا بخت ۽ نصيب، ماشاء ﷲ...
بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب مرشد ڪريم حضرت سخي بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جي وصال کان پوءِ تنظيمي طور وڏن وڏن نالي وارن دوستن جي ساٿ ڇڏڻ کان پوءِ بلڪل تن تنها رهجي ويا ۽ هڪ اڌ ساٿين جي ساٿ سان وري هڪ هڪ قلندري گڏ ڪيو ۽ ان ٽٽل ڦٽل تنظيم جو سهارو بڻجي قافلي کي روان دوان رکيو. جنهن ۾ فقير محمد يوسف اوٺو صاحب ۽ فقير شاهنواز ملاح صاحب قابل ذڪر آهن جن پهرئين ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين قبلا بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب جو ساٿ نه ڇڏيو، ان دور تنهائي ۾ جڏهن تنظيم ٽٽي چڪي هئي دوستن بيوفايون ڪري پنهنجو پنهنجو علائقو کڻي پاڻ پنهنجي حساب سان سرپرست ۽ اڳواڻ روحاني رهبر سڏائڻ لڳا تڏهن حقيقي مرشد سخي بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جي يارهين شريف تي اچڻ ڇڏي ڏنو ته مرشد سائين جن جي يارهين شريف تي قبلا بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب ٻه چار مانيون کڻي اچي ڪري پنهنجي وفادار غلامن سان يارهين شريف جي محفل ٻن چئن دوستن سان به ملهائيندا رهيا، ۽ هوڏانهن پوري سلسلي کي موقعي پرستن يرغمال بڻائي مختلف علائقن ۾ ورهائي پنهنجي دڪانداري جاري و ساري رکي...
فلحال وقت هلي پيو، پر جڏهن روحاني طور اصل فيصلو حضور اڪرم ﷺ، مولا علي عليه السلام ۽ حضرت قلندر لعل شهباز رح جن جي حضور ۾ ٿيندو، ته پوءِ هنن دڪاندارن جو ڇا رهندو...
انشاء اللہ اهو وقت ثابت ڪندو ته هي فقير صفت مست الست يگانو بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب اصل وارث ۽ سرپرست ئي آهي... جڏهن دنيا هلي ڪري اچي مبارڪون ڏيندي...
پاڻ هڪ ڀيري مورو شهر جي محفل ۾ هيا. هي ناچيز به ساڻن سان گڏ حاضري ۾ هيو. اچانڪ هڪ خوبصورت نعت جو شعر پڙهيو ويو، اتي سائين جن پنهنجون اکيون بند ڪيون ۽ جلدي سان ڪنڌ جهڪايو، جيڪا سندن جي اڪثر عادت ۾ به شامل آهي ته پاڻ ڪٿي به محفل يا ماڻهن جي جهرمٽ ۾ هميشه پنهنجون اکيون بند رکندا آهن ۽ ڪنڌ هميشه جهڪيل هوندو آهي. پاڻ هيڏانهن هوڏانهن هرگز نگاه ناهن ڊوڙائيندا آهن.
خير، سندن جي اچانڪ ائين ڪرڻ سان هن گنهگار ڏٺو ته سندن جي اڳيان روضي رسول ﷺ جن جي سنهري ڄاري مبارڪ سامهون هئي. مون کان هلڪي دانهن نڪتي، جنهن تي قبلا بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب هٿ پڪڙيو ۽ دڙڪو ڏيندي فرمايو: چپ... چپ...
۽ اتي مون ڏٺو ته هر طرف لائيٽنگ مان ٺڪاءَ پئي نڪتا ۽ ڪجھ لمحن لاءِ بلڪل لائيٽ بند به ٿي وئي، جنهن کانپوءِ بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب مخصوص انداز ۾ ڪجھ پڙهيو پئي، ۽ ٿوري دير ۾ پورو ماحول سيٽ لڳو پيو هيو، ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي ناهي...
جڏهن تنظيم تي هڪ دور سخت آيو هيو، تڏهن سڀ دوست انتهائي ڪنفيوزن جو شڪار هيا ته ان وقت ۾ حضرت قبلا بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن پنهنجي پنهنجي فقيرن جي روحاني رهبري ڪندي انهن کي بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب سان گڏجڻ جون هدايتون، جيڪي خوابن وسيلي جاري رکيون، ۽ انهن ۾ هي گنهگار به شامل رهيو.
جنهن ۾ مون ڏٺو ته حضرت مرشد بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح هڪ سنهري رنگ جي خوبصورت گاڏي ۾ فرنٽ سيٽ تي تشريف فرما آهن، ۽ سندن جي پوئين سيٽ تي بابا سائين رح جن جا بردار قبلا بابا سائين نور محمد قريشي صاحب به ويٺا آهن، ۽ ڊرائيورنگ قبلا بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب ڪري رهيا آهن، ۽ اسان جي محفل درود ۾ گاڏي اچي رڪي.
مون ان جو دروازو کوليو ۽ مرشد بابا سائين احمد علي قريشي رح جن جي قدمن تي هٿ رکي سندن جي هٿ مبارڪ چميو، جنهن تي مرشد سائين رح جن فرمايو: بابا هاڻي اسان اچي ويا آهيون...
جنهن کان پوءِ هڪ طويل خواب هيو ۽ محبوبن جي طرفان ڪافي ديدار ۽ انعامات تقسیم ڪيا پئي ويا...
جڏهن صبح ٿيو ته اسان جي هڪ محفل رکيل هئي دوست خليق ابڙو جي گهر ۾، ۽ بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب ان محفل ۾ مهمان خاص هيا. جڏهن محفل ختم ٿي لنگر پئي ڪيوسين ته بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب فرمايو: حنيف، هليا مونسان لنگر ڪر...
هن ناچيز حڪم جي تعميل ڪئي ۽ سوچيو ته بابا سائين جن کي خواب ٻڌايان، پر سائين جن پورو خواب ٻڌائي فرمايو: بس يا اڃان ٻڌايان ته توکي ڇا ڇا ڏنو ويو هيو...
مون کڻي ڪن پڪڙيا...
هتي بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جي ٻچڙن جي خلاف ايتري قدر مخالفت ڪئي وئي جو سائين جن وارن کي صفا عام قلندري جهڙو به نه پئي سمجهيو ويندو هيو... توبہ استغفراللہ.
سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جنهن هستيءَ جي فيض سان اسان جهڙا هزارين ڪوجھا خطاڪار عيبدار پاڻ کي رڱيل سمجهن ٿا، ته ڇا ان هستيءَ پنهنجي حقيقي اولاد کي ڪجھ به نه ڏنو هوندو... افسوس اهڙي سوچ تي...
جن شهزادن کي ڏسي مرشد سائين رح جن فرمائيندا هيا ته شينهن جا ٻچا شينهن ٿيندا آهن ۽ باز جا ٻچا باز ٿيندا آهن...
هڪ جڳھ تي مرشد سائين رح جن فرمايو ته: توهان سڀ منهنجي حوالي آهيو ۽ منهنجا ٻچا مرشد قلندر شهباز رح جن جي حوالي آهن..
يار ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته جيئن حسنين ڪريمن لاءِ منهنجا آقا و مولا فرمائيندا هيا ته: مان حسين مان آهيان ۽ حسين مون مان آهي..
حسن ۽ حسين منهنجي چمن جا گلاب آهن..
جن انهن سان محبت ڪئي انهن مونسان محبت ڪئي... جن انهن سان بغض رکيو انهن مونسان بغض رکيو...
حضرت مرشد بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح به ڄڻ ڪنهن لڪ واري انداز سان پنهنجي ٻچڙن جو شان ۽ مان ٻڌائڻ پئي چاهيو...
خدارا ڀلجي نه پئو... جنهن هستيءَ سائين محمد علي بلوچ کي محمد علي ٺاهيو، جنهن هستي حيدر شاه جي اجڙيل حويلي کي رونق بخشي آباد ڪرايو، جنهن هستيءَ ڪيترن ئي ڀٽڪيلن کي دڳ تي لڳايو... ڇا ان ان هستيءَ پنهنجي حقيقي اولاد کي ڇڏي ڏنو هوندو...???
ان هستيءَ جي اولاد کي پاڻ کان پري رکڻ:پاڻ کي وفادار ۽ معزز سمجھڻ وارن کي ته نٿو جڳائي...
هي ته پوري ماجرا ائين لڳي ٿي ڄڻ وري ڪوفين ۽ شامين واري روش کي جياريو پيو وڃي...
خدارا سمجھ کان عقل کان ڪم وٺو... اڃان به وقت ناهي ويو وري پئو مرشد سائين رح جن ٻچڙن جو احترام ڪريو انهن سان محبت ڪريو جنهن جي صدقي مرشد سائين بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جي نظر ڪرم ۽ راضپو نصيب ٿيندو پرخدا نه ڪري ته ڪٿي پنهنجي انا حرص ۽ لالچ لوڀ جي ڪري صفا دير ٿي وڃي... ۽ پوءِ صرف پڇتاءُ ئي رڻ ۾ راڙون نه ڪرائي...
ﷲ پاڪ اسان سڀني کي شل محبتن، عاجزين ۽ وفادارين جو دڳ نصيب ڪري. آمين.
تحرير: لالا محمد حنيف قلندري