حضرت سخي بابا سائين احمد علي قريشي رح

  • Home
  • Pakistan
  • Dadu
  • حضرت سخي بابا سائين احمد علي قريشي رح

حضرت سخي بابا سائين احمد علي قريشي رح حضرت سخي بابا سائين احمد علي قريشي قلندر رح جن جي حقيقي

قبلا محترم بابا سائين صفدر علي قريشي مدظلہ العاليهسرپرست اعليٰ انجمن غلامان قلندرگادي نشين درگاھ عاليه حضرت قبلا بابا سا...
18/07/2026

قبلا محترم بابا سائين صفدر علي قريشي مدظلہ العاليه

سرپرست اعليٰ انجمن غلامان قلندر

گادي نشين درگاھ عاليه حضرت قبلا بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح
پاڻ مرشد بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جا وڏا فرزند ۽ پڳدار آهن ،سندن جا ٻيو نمبر ڀاء بابا سائين اصغر علي قريشي صاحب آهن ۽ سندن جا ٽيون نمبر ننڍا ڀاء بابا سائين اڪبر علي قريشي صاحب آهن.. ٻن ڀينرن سان گڏ سندن جي خوبصورت پرورش وقت جي مرد قلندر حضرت سخي بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جي آغوش ۾ ٿي، قبلا بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جا سڀئي ٻچڙا بچپن کان ڄمندي ڄام آهن ،ڪيترائي ئي عجيب و غريب واقعا مرشد سائين جن جا هي سڀئي ٻچڙا ٻڌائيندا رهندا آهن ۽ ٻڌائڻ جو انداز به انتهائي نرالو جنهن ۾ مسڪراهٽن جا گنج پيا ورهائبا آهن ،دعائن جو گهر آهن.. سخي جا ٻچا سخي ۽ فقيري طبيعت جا مالڪ آهن، اڪثر يتيمن مسڪينن غريبن جي وچ ۾ پاڻ کي خوش محسوس ڪندا آهن، هاڻي اچون ٿا قبلا بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب جن طرف ته پاڻ هڪ سالڪ مجذوب طبيعت جا مالڪ، انتهائي سخي طبيعت ايترا ته سخي مرد آهن جيڪو ڪجھ به هوندو آهي سڀ قربان ڪري هٿ ڇنڊيندي فرمائيندا آهن ته
ﷲ ڏيندو نبي سائين ﷺ جن جي صدقي ۾...
چوندا آهن ته اولاد پنهنجي والد جي عظيم خوابن جي تعبير هوندو آهي..
پاڻ اعليٰ تعليم يافته آهن.اسلام آباد جهڙي شهر ۾ بچپن کان جواني تائين مسلسل جدوجهد ڪندي زندگي گذاري. پاڻ ڪويت جي سفارتخاني ۾ پروٽوڪول آفيسر فائز رهيا، جٿي ٻين الاقوامي توڙي ملڪ جي مڙئي سياسي، سماجي، ليکڪن، اديبن، جهڙين شخصيتن سان گڏوگڏ پنهنجي والد گرامي ۽ مرشد حضرت سخي بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جي حضور حاضري ڀريندڙ مستن، ملنگن، مجذوبن ۽ لڪيل اوليائن جي صحبت ۽ تربيت ۾ رهيا. سندن سان ڪيئي روحاني قصا ۽ وارداتون ٿيون، جن جو تذڪرو مختصر قبلا بابا سائين صفدر علي قريشي مدظلہ العاليه ڪرڻ فرمائيندا آهن. پاڻ بچپن کان جواني تائين جي عمر شهزادن جي طرز تي به گذاري ته وري مشڪل حالاتن ۾ پنهنجي والد محترم و مرشد بابا سائين احمد علي قريشي رح جن جا ٻانهن ٻيلي ٿي به آخري وقت تائين خدمتگذار رهيا.

سندن جي عظمتن کي سلام آهي، جيڪي اهڙي عظيم عاشق رسول جن جو اولاد آهن، جن جي مٿان حضرت مولا علي عليه السلام ۽ حضرت محمد مصطفیٰ ﷺ جن جي هر وقت نظر ڪرم رهندي آهي. ان جي هنج ۾، ان جي ڀاڪرن ۾ پرورش ورتي. هي شهزادا ڪيترا نه قابل رشڪ آهن، جن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي والد ميان احمد علي قريشي درج آهي... قربان وڃان انهي عظمتن تان...

بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب انتها درجي جا صابرين جو سندن جو جهوپڙي کي ڪير اچي ڊاهي ته پاڻ اف به نه پيا ڪن، ته وري جلالي ايترا ته جڏهن سندن جي ڪيفيت جلال واري هجي ته مجال آهي ڪنهن کي جو سندن جي سامهون اچي...

محفلن جا مور هميشه سادي طبيعت، سادي لباس ۽ هڪ سنڌي ٽوپي سان نظر ايندا آهن، پر جنهن محفل ۾ پهچندا آهن ته خدا جو قسم محفل ۾ رنگ ڀريو ڇڏين. سندن جي هڪ سهڻي مرڪ سڀني کي موهي وجهندي آهي. هي الست طبيعت اگر پنهنجي جلال ۾ اچي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ماڻهو کي چون ته وڃ وڃي ٻي رپورٽ ڪراء... تنهنجي پهرين رپورٽ غلط آهي، ته اها رپورٽ ائين اچي... جنهن جا کوڙ سارا گواه اڄ به موجود آهن...

ڪڏهن پنهنجي تعريف ٻڌڻ ناهن چاهيندا آهن پر هن فقير جي مقابلي ۾ اهي ماڻهو آهن جيڪي شهرت ۽ دولت جي حوس ۾ مست آهن، پر پاڻ سائين پنهنجي محبوب جي مرڪ ۾ مست الست رهندا آهن. سندن جي اڳيان غائب مخلوق به سلامي ٿيندي آهي ، ڪيترائي اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن. خالي کيسي ۾ هٿ وجهي ڪڍن ته کڙڪندڙ نوٽ ٻاهر نڪريو اچي، پر وري پنهنجي ذات تي اچن ته مسڪيني حال ۾ گذارو ڪندي نظر ايندا آهن.

هنن شهزادن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هي شهزادا ان عظيم سيني تي سمهندا هيا، جيڪو سينو عشق قلندر، عشق علي ۽ عشق مصطفیٰ ﷺ جن سان ڀرپور نوراني انوارن جي آماجگاه هيو، (يعني حضرت قبلا بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جو سينو مبارڪ) .

واھ سھڻا بابا سائين صفدر علي قريشي، واھ سھڻا بابا سائين اصغر علي قريشي، واھ سھڻا بابا سائين اڪبر قريشي... اوهان جون قسمتون، بالا بخت ۽ نصيب، ماشاء ﷲ...

بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب مرشد ڪريم حضرت سخي بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جي وصال کان پوءِ تنظيمي طور وڏن وڏن نالي وارن دوستن جي ساٿ ڇڏڻ کان پوءِ بلڪل تن تنها رهجي ويا ۽ هڪ اڌ ساٿين جي ساٿ سان وري هڪ هڪ قلندري گڏ ڪيو ۽ ان ٽٽل ڦٽل تنظيم جو سهارو بڻجي قافلي کي روان دوان رکيو. جنهن ۾ فقير محمد يوسف اوٺو صاحب ۽ فقير شاهنواز ملاح صاحب قابل ذڪر آهن جن پهرئين ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين قبلا بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب جو ساٿ نه ڇڏيو، ان دور تنهائي ۾ جڏهن تنظيم ٽٽي چڪي هئي دوستن بيوفايون ڪري پنهنجو پنهنجو علائقو کڻي پاڻ پنهنجي حساب سان سرپرست ۽ اڳواڻ روحاني رهبر سڏائڻ لڳا تڏهن حقيقي مرشد سخي بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جي يارهين شريف تي اچڻ ڇڏي ڏنو ته مرشد سائين جن جي يارهين شريف تي قبلا بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب ٻه چار مانيون کڻي اچي ڪري پنهنجي وفادار غلامن سان يارهين شريف جي محفل ٻن چئن دوستن سان به ملهائيندا رهيا، ۽ هوڏانهن پوري سلسلي کي موقعي پرستن يرغمال بڻائي مختلف علائقن ۾ ورهائي پنهنجي دڪانداري جاري و ساري رکي...

فلحال وقت هلي پيو، پر جڏهن روحاني طور اصل فيصلو حضور اڪرم ﷺ، مولا علي عليه السلام ۽ حضرت قلندر لعل شهباز رح جن جي حضور ۾ ٿيندو، ته پوءِ هنن دڪاندارن جو ڇا رهندو...

انشاء اللہ اهو وقت ثابت ڪندو ته هي فقير صفت مست الست يگانو بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب اصل وارث ۽ سرپرست ئي آهي... جڏهن دنيا هلي ڪري اچي مبارڪون ڏيندي...

پاڻ هڪ ڀيري مورو شهر جي محفل ۾ هيا. هي ناچيز به ساڻن سان گڏ حاضري ۾ هيو. اچانڪ هڪ خوبصورت نعت جو شعر پڙهيو ويو، اتي سائين جن پنهنجون اکيون بند ڪيون ۽ جلدي سان ڪنڌ جهڪايو، جيڪا سندن جي اڪثر عادت ۾ به شامل آهي ته پاڻ ڪٿي به محفل يا ماڻهن جي جهرمٽ ۾ هميشه پنهنجون اکيون بند رکندا آهن ۽ ڪنڌ هميشه جهڪيل هوندو آهي. پاڻ هيڏانهن هوڏانهن هرگز نگاه ناهن ڊوڙائيندا آهن.

خير، سندن جي اچانڪ ائين ڪرڻ سان هن گنهگار ڏٺو ته سندن جي اڳيان روضي رسول ﷺ جن جي سنهري ڄاري مبارڪ سامهون هئي. مون کان هلڪي دانهن نڪتي، جنهن تي قبلا بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب هٿ پڪڙيو ۽ دڙڪو ڏيندي فرمايو: چپ... چپ...

۽ اتي مون ڏٺو ته هر طرف لائيٽنگ مان ٺڪاءَ پئي نڪتا ۽ ڪجھ لمحن لاءِ بلڪل لائيٽ بند به ٿي وئي، جنهن کانپوءِ بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب مخصوص انداز ۾ ڪجھ پڙهيو پئي، ۽ ٿوري دير ۾ پورو ماحول سيٽ لڳو پيو هيو، ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي ناهي...

جڏهن تنظيم تي هڪ دور سخت آيو هيو، تڏهن سڀ دوست انتهائي ڪنفيوزن جو شڪار هيا ته ان وقت ۾ حضرت قبلا بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن پنهنجي پنهنجي فقيرن جي روحاني رهبري ڪندي انهن کي بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب سان گڏجڻ جون هدايتون، جيڪي خوابن وسيلي جاري رکيون، ۽ انهن ۾ هي گنهگار به شامل رهيو.

جنهن ۾ مون ڏٺو ته حضرت مرشد بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح هڪ سنهري رنگ جي خوبصورت گاڏي ۾ فرنٽ سيٽ تي تشريف فرما آهن، ۽ سندن جي پوئين سيٽ تي بابا سائين رح جن جا بردار قبلا بابا سائين نور محمد قريشي صاحب به ويٺا آهن، ۽ ڊرائيورنگ قبلا بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب ڪري رهيا آهن، ۽ اسان جي محفل درود ۾ گاڏي اچي رڪي.

مون ان جو دروازو کوليو ۽ مرشد بابا سائين احمد علي قريشي رح جن جي قدمن تي هٿ رکي سندن جي هٿ مبارڪ چميو، جنهن تي مرشد سائين رح جن فرمايو: بابا هاڻي اسان اچي ويا آهيون...
جنهن کان پوءِ هڪ طويل خواب هيو ۽ محبوبن جي طرفان ڪافي ديدار ۽ انعامات تقسیم ڪيا پئي ويا...

جڏهن صبح ٿيو ته اسان جي هڪ محفل رکيل هئي دوست خليق ابڙو جي گهر ۾، ۽ بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب ان محفل ۾ مهمان خاص هيا. جڏهن محفل ختم ٿي لنگر پئي ڪيوسين ته بابا سائين صفدر علي قريشي صاحب فرمايو: حنيف، هليا مونسان لنگر ڪر...

هن ناچيز حڪم جي تعميل ڪئي ۽ سوچيو ته بابا سائين جن کي خواب ٻڌايان، پر سائين جن پورو خواب ٻڌائي فرمايو: بس يا اڃان ٻڌايان ته توکي ڇا ڇا ڏنو ويو هيو...

مون کڻي ڪن پڪڙيا...

هتي بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جي ٻچڙن جي خلاف ايتري قدر مخالفت ڪئي وئي جو سائين جن وارن کي صفا عام قلندري جهڙو به نه پئي سمجهيو ويندو هيو... توبہ استغفراللہ.

سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جنهن هستيءَ جي فيض سان اسان جهڙا هزارين ڪوجھا خطاڪار عيبدار پاڻ کي رڱيل سمجهن ٿا، ته ڇا ان هستيءَ پنهنجي حقيقي اولاد کي ڪجھ به نه ڏنو هوندو... افسوس اهڙي سوچ تي...

جن شهزادن کي ڏسي مرشد سائين رح جن فرمائيندا هيا ته شينهن جا ٻچا شينهن ٿيندا آهن ۽ باز جا ٻچا باز ٿيندا آهن...

هڪ جڳھ تي مرشد سائين رح جن فرمايو ته: توهان سڀ منهنجي حوالي آهيو ۽ منهنجا ٻچا مرشد قلندر شهباز رح جن جي حوالي آهن..

يار ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته جيئن حسنين ڪريمن لاءِ منهنجا آقا و مولا فرمائيندا هيا ته: مان حسين مان آهيان ۽ حسين مون مان آهي..
حسن ۽ حسين منهنجي چمن جا گلاب آهن..
جن انهن سان محبت ڪئي انهن مونسان محبت ڪئي... جن انهن سان بغض رکيو انهن مونسان بغض رکيو...
حضرت مرشد بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح به ڄڻ ڪنهن لڪ واري انداز سان پنهنجي ٻچڙن جو شان ۽ مان ٻڌائڻ پئي چاهيو...
خدارا ڀلجي نه پئو... جنهن هستيءَ سائين محمد علي بلوچ کي محمد علي ٺاهيو، جنهن هستي حيدر شاه جي اجڙيل حويلي کي رونق بخشي آباد ڪرايو، جنهن هستيءَ ڪيترن ئي ڀٽڪيلن کي دڳ تي لڳايو... ڇا ان ان هستيءَ پنهنجي حقيقي اولاد کي ڇڏي ڏنو هوندو...???
ان هستيءَ جي اولاد کي پاڻ کان پري رکڻ:پاڻ کي وفادار ۽ معزز سمجھڻ وارن کي ته نٿو جڳائي...
هي ته پوري ماجرا ائين لڳي ٿي ڄڻ وري ڪوفين ۽ شامين واري روش کي جياريو پيو وڃي...
خدارا سمجھ کان عقل کان ڪم وٺو... اڃان به وقت ناهي ويو وري پئو مرشد سائين رح جن ٻچڙن جو احترام ڪريو انهن سان محبت ڪريو جنهن جي صدقي مرشد سائين بابا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح جن جي نظر ڪرم ۽ راضپو نصيب ٿيندو پرخدا نه ڪري ته ڪٿي پنهنجي انا حرص ۽ لالچ لوڀ جي ڪري صفا دير ٿي وڃي... ۽ پوءِ صرف پڇتاءُ ئي رڻ ۾ راڙون نه ڪرائي...

ﷲ پاڪ اسان سڀني کي شل محبتن، عاجزين ۽ وفادارين جو دڳ نصيب ڪري. آمين.

تحرير: لالا محمد حنيف قلندري

10/07/2026

برڪت وارو اهو انسان آهي، جيڪو پنهنجي غلطين ۽ خامين کان ايترو باخبر هجي، جو ٻين جي عيبن کي پڌرو ڪرڻ بدران انهن تي پردو وجهي؛ ڇو ته اصل انسانيت اها ئي آهي
حضرت بابا فرید الدین رح

دوستيدوستي هڪ عظيم نعمت ۽ انتهائي پاڪيزه رشتو آهي. هي رت جو نه، پر دلين ۽ روحن جو رشتو هوندو آهي. ڪيترائي ڀيرا دوست سڳن ...
10/07/2026

دوستي

دوستي هڪ عظيم نعمت ۽ انتهائي پاڪيزه رشتو آهي. هي رت جو نه، پر دلين ۽ روحن جو رشتو هوندو آهي. ڪيترائي ڀيرا دوست سڳن ڀائرن کان به وڌيڪ وفادار، همدرد ۽ رازدان ثابت ٿيندا آهن.

الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

﴿إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ إِخْوَةٌ﴾

"بيشڪ مؤمن پاڻ ۾ ڀائر آهن." (سورة الحجرات: 10)

جڏهن مؤمن پاڻ ۾ ڀائر آهن، تڏهن دوستي به اخلاص، محبت، احترام، خيرخواهي ۽ وفاداري تي قائم هجڻ گهرجي.

حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو:
"مؤمن، مؤمن لاءِ عمارت وانگر آهي، جنهن جو هڪ حصو ٻئي حصي کي مضبوط ڪري ٿو."
(صحيح بخاري، صحيح مسلم)

هڪ ٻي حديث مبارڪ ۾ اچي ٿو:
"ماڻهو پنهنجي دوست جي دين تي هوندو آهي، تنهنڪري هر هڪ کي ڏسڻ گهرجي ته هو ڪنهن کي دوست بڻائي ٿو."
(سنن ابو داود، سنن ترمذي)

مولا علي عليه السلام جي فرمان جو مفهوم آهي ته دوستيءَ ۾ اسان کي اهڙي وفاداري اختيار ڪرڻ گهرجي، ڄڻ هر هڪ پاڻ کي پنهنجي دوست جو غلام سمجهي. جڏهن اسان اهڙي سوچ سان هلنداسين ته دوست جي عزت، احترام، ڏک ۽ سک کي پنهنجو سمجهنداسين ۽ سندس حق ۾ ڪوتاهي ڪرڻ کان بچنداسين.

سچو دوست اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي دوست جي موجودگيءَ ۾ ئي نه، پر ان جي غيرموجودگيءَ ۾ به سندس عزت، وقار ۽ آبرو جو محافظ بڻجي بيهي. جيڪو ٻين جي سامهون پنهنجي دوست جي غيبت، بدنامي يا دل آزاري ٿيڻ نه ڏئي، بلڪه هر حال ۾ سندس ڀلائي ۽ عزت جي حفاظت ڪري.

سچو دوست اهو به آهي جيڪو پنهنجي دوست کي نيڪيءَ جي ڪمن ۾ اڳيان آڻي، چڱن عملن جي همت افزائي ڪري، ۽ جيڪڏهن ڪا غلطي يا برائي ڏسي ته محبت، حڪمت ۽ اخلاص سان ان کان روڪي. ڇو ته جيڪو صرف خوشامد ڪري، اهو سچو دوست نه؛ سچو دوست اهو آهي جيڪو دوست جي دنيا سان گڏ آخرت جي به فڪر ڪري.

اچو ته پاڻ به اهو عهد ڪريون ته دوست کي ڪڏهن اڪيلو نه ڇڏيون. جيڪڏهن ڪڏهن ڪو ساٿ نه ڏئي سگهي ته جلدي ۾ کيس بيوفا قرار نه ڏيون، ڇو ته شايد ان جي پويان ڪي اهڙيون مجبوريون هجن، جن کان اسين واقف نه هجون.

اسان سڀني کي گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن دوست ۾ سو خاميون به نظر اچن، پر ان ۾ هڪ چڱائي هجي ته ان چڱائي کي ياد رکون. دوستن کي طعنا نه هڻون، سندن مذاق نه اڏايون، پنهنجي ذاتي مفادن خاطر کين نه آزمائيون، ۽ نه ئي سندن عيبن کي ماڻهن ۾ بيان ڪريون. سچي دوستي اعتماد، عزت، رازداري ۽ خلوص جو نالو آهي.

جن دوستن اسان سان ڀلائي ڪئي، ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو، همٿ افزائي ڪئي يا ڪنهن به صورت ۾ احسان ڪيو، اچو ته انهن کي هميشه سٺن لفظن سان ياد رکون ۽ پنهنجي مخفي دعائن ۾ به شامل رکون. شايد اها ئي سندن وفائن، ساٿ ڏيڻ ۽ احسانن جو بهترين بدلو ٿي سگهي ٿو..

الله پاڪ اسان سڀني کي سچي دوستي نڀائڻ، هڪ ٻئي جون ڪوتاهيون معاف ڪرڻ، دلين ۾ محبتون وڌائڻ، هڪ ٻئي جي غيرموجودگيءَ ۾ عزت جا محافظ بڻجڻ، نيڪيءَ ڏانهن سڏڻ، برائين کان روڪڻ، ۽ پنهنجن سڀني محسن دوستن جي قدر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

آمين يا رب العالمين.

حضرت قبلا بابا سائين احمد علي قريشي رحمت الله عليه جن جو ارشاد آهي:"اسان کي محبوبن ان لاءِ ميدان ۾ لاٿو جڏهن ڏٺو ويو ته ...
10/07/2026

حضرت قبلا بابا سائين احمد علي قريشي رحمت الله عليه جن جو ارشاد آهي:

"اسان کي محبوبن ان لاءِ ميدان ۾ لاٿو جڏهن ڏٺو ويو ته مخلوق ۽ خالق جي وچ ۾ تعلق ڄڻ ڪمزور ٿيندو پيو وڃي؛
نه دعائن ۾ اهو اخلاص رهيو،
نه ڪامل يقين،
نه ئي توڪل.
انسان مايوسي ۽ نااميدي ۾ مبتلا نظر اچي رهيو هو.
تنهن ڪري اسان جي ذميواري لڳائي وئي ته هن ٽٽل تعلق کي وري مضبوط ڪجي، ۽ اهو تعلق معرفتِ نبي ڪريم ﷺ سان ئي (يعني ڪثرتِ درود شريف) ذريعي مضبوط ڪري سگهجي ٿو."

بيشڪ، حضور اڪرم ﷺ نور آهن. سندن نوراني نسبت ۽ محبت سان دلين کي پاڪيزگي نصيب ٿئي ٿي، انسان خلفشار ۽ خرافات کان بچي، سڪونِ قلب، يڪسوئي ۽ الله پاڪ جي قرب جو احساس حاصل ڪري ٿو.

الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجي نيڪ ٻانهن ۽ الله وارن جي واٽ تي هلڻ، رسول الله ﷺ جي محبت، ڪثرتِ درود شريف ۽ اخلاص واري زندگي نصيب فرمائي.

آمين يا رب العالمين۔

03/07/2026

حضرت داتا علي هجويري رحمة الله عليه پنهنجي مشهور ڪتاب "ڪشف المحجوب" ۾ لکن ٿا ته حضرت جنيد بغدادي رحمة الله عليه فرمائن ٿا:

"جڏهن آءُ علم حاصل ڪري عالم ۽ فاضل بڻجي ويس، تڏهن منهنجا مرشد حضرت سري سقطي رحمة الله عليه، جيڪي منهنجا ماما به هئا، مون کي فرمايائون:
'جنيد! هاڻي وعظ ۽ تقرير ڪيو.'
پر مان عرض ڪندو هوس:
'حضور! مان اڃا ان لائق ناهيان، نه ئي ايترو نيڪ آهيان.'

منهنجا پير ڀائر به مون کي چوندا هئا ته: 'مرشد سائين جي به خواهش آهي ۽ اسان جي به، ته اوهان تقرير ڪيو. الله پاڪ اوهان جي وسيلي ڪيترن ئي ماڻهن کي هدايت عطا فرمائيندو.' پر مان اڪثر انهن جي ڳالهه ٽاري ڇڏيندو هوس.

هڪ رات مان پنهنجي گهر ۾ ستل هوس ته منهنجي قسمت جاڳي اٿي. بغداد جون گهٽيون خوشبوئن سان واسجي ويون، هر طرف ٿڌڙيون ۽ معطر هوائون هلڻ لڳيون. اوچتو رسولِ ڪائنات، سيدالانبيا حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ منهنجي خواب ۾ جلوه افروز ٿيا. حضور ﷺ مون تي بيحد ڪرم فرمايو، ۽ جڏهن واپس وڃڻ لڳا ته رڳو هڪ جملو ارشاد فرمايائون:

"جنيد! تقرير ڪيو."

مون ادب سان عرض ڪيو: "يا رسول الله ﷺ! هاڻي مان روز تقرير ڪندس، ضرور ڪندس."

صبح فجر جو اٿيس، پر دل ۾ هڪ خطرناڪ خيال اچي ويو. مون سوچيو ته منهنجي مرشد ڪڏهن به اهو ذڪر نه ڪيو آهي ته کين حضور ﷺ جن جو ديدار نصيب ٿيو هجي،
جڏهن ته مون کي اهو شرف ملي ويو آهي.
اهڙيءَ طرح دل ۾ اهو وهم پيدا ٿيو ته شايد منهنجو روحاني مقام منهنجي مرشد کان به مٿي ٿي ويو آهي.

مان ٻه رڪعتون سنتون پڙهي مسجد ڏانهن ويس. ستين صف ۾ جاءِ ملي، پر دل ۾ اهو ئي خيال موجود هو.
نماز کان پوءِ مرشد ڪريم حضرت سري سقطي رح فرمايو:

"جنيد! اڳتي اچي ويهه."

مان ٽئين صف ۾ اچي ويٺس. وري فرمايائون:

"ٿورو وڌيڪ ويجهو اچ."

مان پهرين صف ۾ اچي ويٺس. وري فرمايائون:

"اڃا وڌيڪ ويجهو اچ، منهنجي ڀرسان اچي ويهه."

مان سندن بلڪل ڀرسان وڃي ويٺس. مرشد سائين تسبيح پڙهي رهيا هئا. پوءِ مون ڏانهن نهاري فرمايائون:

"هاڻي ته تقرير ڪندين نه؟"

مون دل ۾ سوچيو ته منهنجي خواب جي خبر ته ڪنهن کي ناهي. مون عرض ڪيو: "حضور! هاڻي ڇا ٿيو آهي؟"

مرشد سائين ڪجهه دير خاموش رهيا، پوءِ وري ساڳيو سوال ڪيائون:

"جنيد! هاڻي ته تقرير ڪندين نه؟"

مون وري عرض ڪيو: "پر حضور! اهڙو ڇا ٿيو آهي؟"

مرشد سائين تسبيح رکي، مون ڏانهن اهڙي جلال سان نهاريو، جو مون اڳ ڪڏهن به سندن چهري تي اهڙو نور ۽ هيبت نه ڏٺي هئي. پوءِ فرمايائون:

"جنيد! گذريل رات مون کي پنهنجي رب پاڪ جو ديدار نصيب ٿيو.
الله پاڪ مون کان فرمايو:
'اي سري سقطي! ڪا ڳالهه چئو.
' مون عرض ڪيو: 'اي منهنجا مولا! مون هڪڙو ئي مريد تيار ڪيو آهي، پر اهو تقرير نٿو ڪري. جيڪڏهن تنهنجي محبوب ﷺ جو هن طرف گذر ٿئي ته جنيد کي هڪ اشارو فرمائي ڇڏي، جيئن هو تقرير شروع ڪري، منهنجو مقصد به پورو ٿئي ۽ ماڻهن کي به فائدو پهچي.'"

حضرت جنيد بغدادي رح فرمائن ٿا:

"جڏهن مون اها ڳالهه ٻڌي ته مان زار و قطار روئي پيس، مرشد جي قدمن ۾ ڪري پيس ۽ عرض ڪيم: 'حضور! مون کي معاف فرمائي ڇڏيو. اڄ مون کي خبر پئي ته جيڪڏهن مون تي رسول الله ﷺ جو ڪرم ٿيو به آهي ته اهو به اوهان جي دعائن جي برڪت سان ٿيو آهي. جڏهن ته مان پنهنجي دل ۾ پاڻ کي اوهان کان مٿانهون سمجهڻ لڳو هوس.'"

هن واقعي مان تمام وڏو سبق ملي ٿو ته مريد جي دل ۾ پيدا ٿيندڙ تڪبر سڀ کان خطرناڪ بيماري آهي. اهو اهڙو زهر آهي، جيڪو انسان جي سالن جي عبادت، محنت ۽ روحاني ترقي کي هڪ ئي پل ۾ برباد ڪري سگهي ٿو.

الله پاڪ پنهنجي خاص ٻانهن کي اهڙي بصيرت عطا فرمائيندو آهي، جيڪا عام نظر نٿي ڏسي سگهي. تنهن ڪري سندن کان دل جا لڪل خيال به ڳجها ناهن رهندا.

جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو روحاني منظر، نوراني ڪيفيت يا حضور ﷺ جي زيارت جهڙي سعادت نصيب ٿئي ته ان کي پنهنجي قابليت نه سمجهڻ گهرجي، بلڪه اهو الله پاڪ جو فضل ۽ پنهنجي مرشد جي دعائن جو اثر سمجهڻ گهرجي. ڇو ته مرشد جي رهنمائي کان سواءِ هي روحاني سفر آساني سان طئي نٿو ٿي سگهي.

جنهن دل ۾ مرشد لاءِ ادب، تعظيم ۽ وفاداري نه هوندي، اهو روحاني فيض جي حقيقي حق کي ادا نٿو ڪري سگهي.

الله پاڪ اسان سڀني کي تڪبر کان بچائي، پنهنجي اوليائن جو ادب، مرشدن جي عزت ۽ عشقِ رسول ﷺ تي ثابت قدم رکڻ فرمائي . آمين.

کربلا کا وہ آخری اور بھاری سجدہ​کربلا کی جنگ اپنے آخری مراحل میں تھی۔ رسول اللہ ﷺ کے نواسے، امام حسین علیہ السلام، اپنے ...
27/06/2026

کربلا کا وہ آخری اور بھاری سجدہ
​کربلا کی جنگ اپنے آخری مراحل میں تھی۔ رسول اللہ ﷺ کے نواسے، امام حسین علیہ السلام، اپنے تمام انصار و مددگار، بھائیوں، بھتیجوں اور اپنے چھے مہینے کے ننھے علی اصغر کو اللہ کی راہ میں قربان کر چکے تھے۔ آپ کا اپنا جسمِ مبارک تیروں، تلواروں اور نیزوں کے زخموں سے چور تھا۔ پیاس کی شدت اتنی تھی کہ زبان مبارک پر کانٹے پڑ چکے تھے۔
​تاریخ کے مستند ترین راویوں (جیسے حمید بن مسلم) نے اس آخری منظر کا حال لکھا ہے جو رہتی دنیا تک ایمان کو جلا بخشتا رہے گا۔
​راوی کہتا ہے کہ جب امام حسین علیہ السلام شدید زخمی ہو کر ذوالجناح (گھوڑے) سے زمین پر تشریف لائے، تو آپ میں اتنی سکت نہیں تھی کہ کھڑے ہو سکیں۔ لیکن اس حالت میں بھی آپ کے چہرہ مبارک خوف یا مایوسی نہیں تھی، بلکہ وہاں ایک عجیب سا نور اور اطمینان تھا۔
​راوی لکھتا ہے:
​"میں نے اپنی زندگی میں کبھی ایسا شخص نہیں دیکھا جس کے جوان بیٹے، بھائی اور انصار اس کی آنکھوں کے سامنے ذبح کر دیے گئے ہوں، جو خود زخموں سے چور ہو، اور اس کے باوجود اس کا دل اتنا مضبوط اور چہرہ اتنا پرسکون ہو!"
​سجدہِ شکر اور آخری الفاظ
​جب عصر کا وقت ہوا، تو امام حسین علیہ السلام نے محسوس کیا کہ اب وہ گھڑی آ گئی ہے جب انہیں اپنے خالقِ حقیقی کے سامنے سرخرو ہونا ہے۔ آپ نے زخموں سے چور جسم کے ساتھ قبلہ رخ ہو کر اپنی پیشانی خاکِ کربلا پر رکھ دی۔
​وہ سجدہ کوئی عام سجدہ نہیں تھا۔ وہ تاریخِ انسانی کا سب سے بھاری اور عظیم سجدہ تھا۔ پیاس، بھوک اور اپنوں کے داغ کے باوجود، جب آپ نے سجدے میں سر رکھا تو آپ کی زبانِ مبارک پر شکوہ نہیں، بلکہ اللہ کی حمد تھی۔ آپ کے آخری الفاظ تاریخ کے سینے پر نقش ہو گئے:
​"صَبْراً عَلَى قَضَائِکَ يَا رَبِّ، لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ، يَا غِيَاثَ الْمُسْتَغِيثِينَ"
(اے میرے رب! میں تیری قضا اور فیصلے پر صبر کرتا ہوں، تیرے سوا کوئی معبود نہیں، اے فریادیوں کی فریاد سننے والے!)
​آپ سجدے میں کہہ رہے تھے کہ "مالک! میں تیری رضا پر راضی ہوں، جو دکھ تیری طرف سے آئے میں نے اسے تسلیم کیا، بس تو حسین سے راضی ہو جا۔"
​تاریخ میں آتا ہے کہ جب شمر ذی الجوشن آپ کا سرِ مبارک تن سے جدا کرنے کے لیے خنجر لے کر آگے بڑھا، تو وہ آپ کے چہرے کا جلال اور اطمینان دیکھ کر کانپ اٹھا۔ اس نے دیکھا کہ لبوں پر پیاس کی شدت ہے، لیکن چہرے پر ایک فاتحانہ مسکراہٹ تھی—ایک ایسی مسکراہٹ جو بتا رہی تھی کہ حسین بظاہر سب کچھ ہار کر بھی خدا کی رضا کی جنگ جیت چکا ہے۔
​اس عظیم تاریخی واقعہ سے ہمیں سبق ملتا ہے کہ
سچی محبت اور ایمان یہ نہیں کہ صرف خوشی میں اللہ کا شکر ادا کیا جائے، بلکہ ایمان کا اعلیٰ ترین درجہ یہ ہے کہ انسان پر مصائب کے پہاڑ بھی ٹوٹ پڑیں، تب بھی وہ مسکرا کر کہے: "مالک! میں تیری تقدیر پر راضی ہو گیا"۔
سلام اے مولا امام حسین علیہ السلام
سلام اے شھیدان کربلا
سلام اے اسیران کربلا
تم سب پہ کروڑوں سلام ♥️🌹

26/06/2026
قال الامام الحسین علیہ السلام:” موت فی عز خیر من حیات فی ذل “ترجمہ:حضرت امام حسین علیہ السلام فرماتے ھیں :” ذلت کی زندگی...
26/06/2026

قال الامام الحسین علیہ السلام:

” موت فی عز خیر من حیات فی ذل “

ترجمہ:

حضرت امام حسین علیہ السلام فرماتے ھیں :

” ذلت کی زندگی سے عزت کی موت کھیں بھتر ھے “ ۔
سلام يا مولا امام حسین علیہ السلام ♥️🌹

23/06/2026

آيت:
"وَيْلٌ لِّكُلِّ هُمَزَةٍ لُّمَزَةٍ"
ترجمو:
"تباهي آهي هر اُن شخص لاءِ جيڪو ماڻهن جا عيب ڳولي ٿو ۽ سندن پٺيان برائيون ڪري ٿو."
تشريح:
هي آيت سورة الهمزة جي پهرين آيت آهي. الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن کي سخت تنبيه فرمائي رهيو آهي جيڪي ٻين جو مذاق اڏائين ٿا، سندن غيبت ڪن ٿا، عيب ڳولين ٿا ۽ ماڻهن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

هڪ مسلمان جي شان اها آهي ته هو ٻين جي عزت ڪري، سندن عيبن تي پردو رکي ۽ پنهنجي زبان کي غيبت، چغلي، طعني بازي ۽ بدگوئي کان محفوظ رکي.

اسلام اسان کي ڀائيچاري، محبت، عزت ۽ احترام جو درس ڏئي ٿو، تنهنڪري هر مسلمان کي گهرجي ته هو پنهنجي قول ۽ عمل سان ٻين جي دل آزاري کان پاسو ڪري ۽ نيڪ اخلاق جو مظاهرو ڪري.

سيدنا مولا امام حسينؓ پنهنجي نانا، رسول الله ﷺ  جو ان وقت وڇوڙو برداشت ڪيو جڏهن پاڻ صرف ڇهن ورهين جا هئا، ۽ سندن جا دنيا...
23/06/2026

سيدنا مولا امام حسينؓ پنهنجي نانا، رسول الله ﷺ جو ان وقت وڇوڙو برداشت ڪيو جڏهن پاڻ صرف ڇهن ورهين جا هئا، ۽ سندن جا دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ محبوب شخص به اهي ئي هئا. ڇا توهان هن درد جو تصور ڪري سگهو ٿا؟

صرف ڇهن مهينن کان پوءِ هنن پنهنجي والده محترمه، سيده فاطمه الزهراءؓ جي جدائي برداشت ڪئي ، اها ماءُ جيڪا ننڍپڻ ۾ کين پنهنجي سيني سان لڳائيندي هئي ۽ سندن ڳوڙها اگهندي هئي. ڇا توهان هن ڏکي آزمائش جو اندازو ڪري سگهو ٿا؟

پاڻ پنهنجي والد، سيدنا مولا امام عليؓ جي شهادت ڏٺي، جڏهن هو مؤمنن جا امير هئا. ڇا توهان هن صدمي جي شدت کي محسوس ڪري سگهو ٿا؟

پاڻ پنهنجي ڀاءُ، سيدنا حسنؓ کي آخري گهڙين ۾ ڏٺو، جيڪو سندن دل جو تمام ويجهو محبوب ۽ بهترين ساٿي هو. ڇا توهان هن وڇوڙي جي تڪليف جو تصور ڪري سگهو ٿا؟

پاڻ يزيدي لشڪر سان ڪربلا جي ميدان ۾ پنهنجي معصوم فرزند امام علي اصغر جي شهادت ڏٺي، جڏهن کيس پنهنجي ٻانهن ۾ کنيو بيٺا هئا. ڇا توهان هن آزمائش جي عظمت جو تصور ڪري سگهو ٿا؟

پاڻ مديني منوره کي ڇڏيو، اهو شهر جتي هو پليا ۽ وڏا ٿيا، رڳو پنهنجي محبوب نبي ﷺ جي مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ. ڇا توهان هن عظيم قرباني کي سمجهي سگهو ٿا؟

پاڻ ۽ سندن اهلبيت ۽ ساٿي ڪيترن ئي ڏينهن جي بک ۽ اڃ برداشت ڪئي، حالانڪه هو صاحبِ ڪوثر ﷺ جا اولاد ۽ محبوب هئا. ڇا توهان هن صبر جي وسعت جو اندازو ڪري سگهو ٿا؟

پاڻ پنهنجي اهلِ بيت تي ٿيندڙ ظلم ۽ ستم ڏٺا، حالانڪه هو پاڪيزه ۽ بلند مرتبي وارا هئا، پوءِ به هنن اميد جو دامن نه ڇڏيو. ڇا توهان هن همت ۽ جرئت کي سمجهي سگهو ٿا؟

پاڻ دينِ اسلام کي زنده رکڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. ڇا توهان سندن جي عظمت جو مڪمل احاطو ڪري سگهو ٿا؟

پاڻ ڏکن ۽ تڪليفن سان ڀرپور زندگي ان لاءِ گذاري ته اسان امت کي آساني نصيب ٿئي

پاڻ جنگين ۽ مصيبتن کي برداشت ڪيو ته جيئن اسان کي امن ۽ سڪون ملي

پاڻ هدايت جو رستو ڏيکاريو ته جيئن اسان ان جي پيروي ڪري سگهون

هن دنيا ۾ جڏهن به ڪو مؤمن ڪنهن آزمائش يا ڏک مان گذري ٿو، ته اهو سيدنا مولا امام حسينؓ کي پنهنجي لاءِ نمونو، رول ماڊل ۽ دل جي تسلي جو ذريعو بڻائي ٿو، ان نسبت سان زندگي گذارڻ گهرجي ته اسين ان عظيم رهبر ۽ آقاء مهربان جا پوئلڳ ۽ غلام آهيون جن اسان تائين حق جو پيغام پهچائڻ خاطر پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو اگر اڄ اسان کي ڪلمو نصيب ٿيو آهي، نماز نصيب ٿي آهي، حج زڪوات نصيب ٿيو آهي، درود ۽ قرآن نصيب ٿيو آهي يا اسان جي ڪنن ۾ اذان نصيب ٿي آهي ته اهو سڀ امام حسین علیہ السلام ۽ سندس جي اهلبيت ۽ جان نٿارن جي قربانين جي صدقي ۾ نصيب ٿيو آهي، امام حسين عليه السلام جو هن امت جي مٿان ايترو ته قرض آهي جو اربين کربين سال سندن جي در تي غلامي ڪجي پر پوءِ به سندن جو هڪ ٿورو به لاهڻ ته پري جي ڳالھ آھي پر ڳائي به نٿو سگهجي... امام حسین علیہ السلام اها شمع حق آهي جنهن کي محبوب خدا ﷺ جن پنهنجي هٿن سان روشن فرمايو آهي ۽ سندن جي قربت جو اهو ڪمال آهي ته سندن جو ذڪر ڪرڻ وارو سندن سان محبت ڪرڻ وارو سندن جي غلامي ڪرڻ وارو ڪڏهن به نامراد ۽ خالي نٿو موٽي.. جنتن جا وارث ۽ مالڪ آهن.. شفاعت سندن پسنديده مشغلو آهي سخاوت ۽ عنايت سندن جي پاڪ عادات ۾ شامل آهن، در جي فقير کي ايترو نوازيندا آهن جو وري ان کي ڪنهن ٻئي در تي صدا ڏيڻ جي ضرورت ناهي رهندي، پاڻ اسلام جو حقيقي چهرو ۽ عمل آهن، پاڻ ئي شريعت حق جي وضاحت، وسعت ۽ تشريح آهن، پاڻ ڏاهپ بردباري ۽ صبر و شڪر جا مجسم آهن،
پاڻ عشق جا امام ۽ ابتدا و انتها آهن، ساجد ايترا آهن جو سجدي کي پڻ حسين عليه السلام تي ناز آهي،
سجدن کي به امام سهڻي جي پيشاني جڪهائن سان عظمت ۽ سرور نصيب ٿئي ٿي، سخي ايترا آهن جو پنهنجو تن من ڌن ۽ پنهنجو پيارو اولاد به راه حق ۾ قربان ڪري ڇڏيو،
حضرت آدم عليه السلام کان وٺي حضرت عيسيٰ عليه السلام تائين ڪنهن پير پيغمبر ولي اهڙي قرباني ناهي ڏني جيڪا محبوب خدا ﷺ جن جي فرزند حضرت مولا امام عليه السلام ڏني، تڏهن ته رب العالمین به سندن جي هٿ ۾ ٻنهي جهانن جي ڀلائين ، برڪتن ، رحمتن ۽ جنتن جو وارث ۽ شافع بڻائي ڇڏيو، جنهن تي نه ڪو پير پيغمبر ولي اعتراض ڪري سگهيو نه ڪري سگهندو، بس هر لمحي دعا آهي ته محبوب ومولا امام حسین علیہ السلام جن سان ادب جي، محبت جي، عشق جي، غلامي جي شل نسبت ٻنهي جهانن ۾ نصيب رهي.. سندن جي عظيم شهادتن جي صدقي م ﷲ پاڪ اسان خطاڪارن کي به شهادت جو جام نصيب فرمائي، سندن جي پنهنجي پاڪ خون سان روشن ڪيل حق جي شمع جي روشني نصيب ٿئي... آمين
ﷲ جا عظيم لازوال درود و سلام ۽ ڪروڙين رحمتون برڪتون حضرت نبي آخر زمان ﷺ ۽ سندن جي اهلبيت تي هر لمحي پيش ٿيندا رهن ۽ سندن جي صدقي اسان ۽ اسان جي والدين عزيزن دوستن کي به رب جون رحمتون برڪتون ٻنهي جهانن ۾ نصيب ٿين آمين ثم آمين يا رب العالمين بجاه نبيء مصطفیٰﷺ
آمين 💓 🌹
دعاڳو خادم بارگاہ محبوب مرشد حضرت باڀا سائين احمد علي قريشي صديقي لال باغ وارا سائين رح 🌹 ♥️
لالا محمد حنيف قلندري 🙏🙏

Address

Dadu
76200

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when حضرت سخي بابا سائين احمد علي قريشي رح posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share