21/03/2026
پريس ريليز
پريس سيڪريٽري : فواد رحيم گاڏاھي
لواري شريف ناجيه جماعت تنظيم "نجات" يونٽ لواري شريف طرفان عيدالفطر جي پرمسرت، روحاني ۽ خوشين ڀرئي موقعي تي هڪ نهايت شاندار ۽ پروقار عيد ملن پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ علائقي جي معزز شخصيتن، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ ڀرپور شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
تقريب ۾ پاور آف اٽارني ۽ اسٽيٽ مينجر مير طارق احمد ٽالپر بطورِ مهمانِ خاص شرڪت ڪئي، جن جي آمد تي شرڪت ڪندڙن طرفان زبردست آجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي ناجيه جماعت تنظيم "نجات" جي مرڪزي نائب صدر حاجي محمد اڪرم ڀٽو، جنرل سيڪريٽري منشاد علي گاڏاھي سميت ٻيا مرڪزي ۽ مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا.
تقريب جي دوران مهمانِ خاص ۽ ٻين معزز اڳواڻن کي سنڌ جي هزارين ورهين جي ثقافت جي علامت اجرڪ جا خوبصورت تحفا پيش ڪيا ويا، جنهن سان سنڌي روايتن سان محبت ۽ وابستگي جو ڀرپور اظهار ڪيو ويو. مهمانن پنهنجي خطابن ۾ عيدالفطر جي بابرڪت ڀرئي موقعي تي پوري امتِ مسلمه ۽ خصوصاً علائقي جي عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته عيد محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ اتحاد جو پيغام کڻي ايندي آهي، جنهن کي عملي زندگيءَ ۾ اپنائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
مقررن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙيون تقريبون نه صرف خوشين جي ورهاست جو ذريعو بڻجن ٿيون پر سماجي يڪجهتي، قومي هم آهنگي ۽ انساني قدرن جي فروغ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هنن زور ڏنو ته معاشري ۾ ڀائيچاري، امن ۽ اخوت کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.
پروگرام ۾ لواري شريف ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان آيل معزز شهرين، نوجوانن ۽ سماجي ڪارڪنن وڏي جوش، محبت ۽ عقيدت سان شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن هڪ ٻئي سان ملي عيد جون خوشيون ورهايون ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.
تقريب خوشگوار، پرجوش ۽ يادگار ماحول ۾ اختتام پذير ٿي، جتي شرڪت ڪندڙن اهڙين مثبت ۽ سماجي سرگرمين کي جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو